اتر سنڌ مقتل گاهه، 6 مهينن ۾ ڪارنهن الزام هيٺ 98 ماڻهو قتل

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم سنڌ سهائي سٿ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه حسن ڌاريجو ۽ سندس ٽيم ايڊووڪيٽ رضوانه ميمڻ ، ناليواري اديب دانشور ڊاڪٽر ادل سومرو ، ناليواري اديب دانشور پروفيسر اياز گل ، ناليواري قانوندان ھادي بخش ڀٽ ، ڊاڪٽر علي اڪبر نائچ ، ناليواري صحافي ۽ قانوندان سھيل ميمڻ ، عبدالطيف انصاري ، نديم بوزدار سميت ٻين ممبرن سان گڏجي سنڌ ۾ ڪارنهن جي ڪڌي رسم هيٺ قتل ٿيل واقعن تي پنهنجي سروي رپورٽ موجب سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ 2020 ۾ ڇهن مهينن دوران مجموعي طور سڄي سنڌ ۾ 98 مرد ۽ عورتون ڪارنهن جي ڪڌ رسم هيٺ قتل ٿيا آهن جنهن ۾ گهڻائي عورتن جي آهي جنهن ۾ 61 عورتون ۽ 37 مرد شامل آهن هن تشويس جو اظهار ڪندي اتر سنڌ کي عورتن لاءِ مقتل گاه قرار ڏيندي چيو ته جيڪب آباد ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ 18 عورتون ۽ مرد ڪارنهن الزام هيٺ گولين جو کاڄ بڻيون آهن ٻي نمبر تي ٻه ضلعا آهن جنهن ۾ گهوٽڪي ضلعي ۾ 17عورتون مرد ۽ شڪارپور ۾ به 17 عورتن ۽ مردن کي قتل ڪيو ويو آهي ٽين نمبر تي ڪشمور ضلعو آهي جنهن ۾ 14 عورتن ۽ مردن کي قتل ڪيو ويو آهي سکر ضلعي ۾ 5 عورتن حيدرآباد ضلعي ۾ ٽن مردن کي قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي ٻين مختلف ضلعن ۾ 24 عورتن ۽ مردن کي قتل ڪيو ويو آهي جن کي پڻ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي مجموعي طور سڄي سنڌ ۾ 6 مهينن دوران 61 عورتون ۽ 37 مردن سميت 98 عورتن ۽ مرد کي ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪيو ويو آهي ، ڊاڪٽر عائشه حسن ڌاريجو انتهائي ڳڻتي جوڳي واري صورتحال جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ اندر 5 عورتن کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ بعد سندن لاش درياه ۾ لوڙهيا ويا آهن جيڪي مقامي پوليس جي لاپرواهي جي ڪري هيل تائين نه ملي سگهيون آهن جنهن ۾ گهوٽڪي جون چار عورتون جنهن ۾ ساجده چاچڙ ۽ ٻيون شامل آهن جڏهن ته هڪ عورت شڪاپور واري علائقي جي آهي جنهن کي پڻ قتل ڪرڻ بعد سندس لاش درياه ۾ لوڙهي وئي آهي ، چيئرپرسن سنڌ سهائي سٿ ڊاڪٽر عائشه حسن ڌاريجو چيو ته گذريل سال 2019 جي 6 مهينن جين انگن اکرن موجب هن سال ۾ وڌيڪ عورتون ۽ مرد ڪارنهن جي ڪڌي رسم هيٺ قتل ڪيون ويون آهن 2019 ۾ 6 مهينن دوران 50 عورتن ۽ 28 مردن سميت مجموعي طور 78 عورتن ۽ مردن کي قتل ڪيو ويو هو جڏهن ته 2020 هن سال ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ٿيندڙن واقعن جو ريشو وڌيو آهي هن سال 6 مهينن دوران 61 عورتن ۽ 37 مردن سميت مجموعي طور 98 عورتن ۽ مردن کي قتل ڪيو ويو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو