اتحادي فوجن جو نڪرڻ المناڪ، خطرناڪ ۽ غير ضروري هو، بليئر

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ ليبر پارٽي جي ليڊر ٽوني بليئر چيو آهي ته افغانستان مان امريڪي فوج ۽ اتحادين جو اوچتو نڪرڻ المناڪ، خطرناڪ ۽ غير ضروري آهي. اهڙو اظهار هن گذريل آچر تي ڪابل تي ٿيل طالبان جي قبضي بعد پهريون ڀيرو جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته اتحادي فوج جي نڪرڻ تي جهادي خوش آهن ۽ نئين پيدا ٿيل صورتحال جو چين، ايران ۽ روس فائدو حاصل ڪندي. هن چيو ته اهو برطانوي حڪومت تي ازم آهي ته هو 20 سالن جنگ ۾ برطانيا جي مدد ڪندڙ سمورن افغانين کي حفاظت سان ملڪ مان ٻاهر ڪڍي محفوظ هنڌ تي پهچائن. هن چيو ته امريڪا جنگ جي بخار مان نڪڙن واري نعري خاطر جلد بازي ڪئي. ياد رهي ته اهو نعرو جو بائيڊن چونڊ مهم ۾ هنيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو