ابوظهبي جو ولي عهد پاڪستان جي دوري تي پهچي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) متحده عرب امارات جي ولي عهد شيخ محمد بن زايدالنهيان هڪ ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. ابوظهبي جي ولي عهد پنهنجي وفد سان گڏ نور خان ايئربيس پهتو جتي ان جو استقبال وزيراعظم عمران خان ڪيو. ان موقعي تي روايتي لباس ۾ ٻن ٻارڙن مهمان خاص کي گلدستا پيش ڪيا ۽ ان کي خوش آمديد چيو. جنهن کان پوءِ وزيراعظم سان گڏ ولي عهد شيخ محمد وزيراعظم هائوس روانو ٿي ويو ان دوران عمران خان پاڻ گاڏي هلائي رهيو هو. جڏهن ته ان دوري دوران تجارتي ۽ ڀائيچاري تعلقاتن کي مضبوط بنائڻ کان علاوهه علائقي جي امن امان بابت ڳالهيون ڪيون وينديون. محمد بن زيدالنهيان وزيراعظم کان سواءِ ٻين اهم شخصيتن سان به ملاقاتون ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو