آچر کان ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل بجلي جي لوڊ شيڊنگ ختم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رٿابندي، ترقيات ۽ خصوصي اپائن واري وفاقي وزي اسد عمر اعلان ڪيو آهي ته آچر کان ڪراچي ۾ غير اعلانيه لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي سربراهه مونس علوي سان گڏ احتجاج ڪندڙ پي ٽي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي هن خاطري ڪرائي ته آچر کان ڪي اليڪٽرڪ کي فرنيس آئل ۽ گيس جي سپلاءِ وڌيڪ ڏيڻ جو فيصلو ٿيو آهي ۽ بجلي جي فراهمي بهتر ٿي ويندي. هن ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ هن وقت 190 ملين ڪيوبڪ فٽ گيس ملي پئي جيڪا وڌائي 290 ڪئي ويندي. هن چيو ته بدقسمتي سان اڳوڻيون حڪومتون بجلي گهر لڳائڻ جا فيصلا ته ڪري ويون پر اها بجلي عوام تائين پهچي ڪيئن ان بابت مسئلا آهن. هن چيو ته 2023 تائين مرحلي وار ڪراچي کي هن مهل ملندڙ بجلي کان 70 سيڪڙو وڌيڪ بجلي ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو