آن لائين ٽيڪسي ڪريم 150 ملازم فارغ ڪري ڇڏيا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اوبر طرفان 3 ارب 10 ڪروڙ ڊالرن ۾ آن لائين رائيڊ بُڪنگ ڪندڙ ڪمپني ڪريم حاصل ڪرڻ جي هڪ هفتي کان پوءِ ڪريم جي دبئي هيڊڪوارٽر 150 سئو ملازمن کي ڪڍي ڇڏيو آهي ڪريم جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر مدثر شيخا طرفان گذريل هفتي پنهنجي ملازمن کي ڪيل ايم ميل ۾ چيو ويو ته اهو قدم ٽيڪنالاجي ڪمپني جي سپر ايپ نظرئي سان گڏ مطابقت ڪرڻ لاءِ کنيو ويو آهي. ڊسمبر مهيني ۾ 60 کان وڌيڪ ماڻهن ڪمپني کان عليحدگي اختيار ڪئي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ورڪرن جو تعلق دبئي سان هيو جڏهن ته پاڪستاني ورڪرن جي تعداد تمام گهٽ هئي. مالي بحران سبب ڪريم عمان ۽ ترڪي کان ملازم ڪڍڻ تي مجبور ٿي. رپورٽ مطابق ڪريم جا 3 هزار 500 ملازم آهن جن مان هڪ هزار 100 پاڪستان ۾ موجود آفيسن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اي ميل ۾ چيو ويو هو ته تبديلي جو مراد اهو آهي ته اسان جي ڪجهه ساٿين جو ڪردار مختلف آهي. ان فيصلن جي وضاحت ڪندي ڪمپني جي چيف ايگزيڪٽو جو چوڻ هو ته اسان جهڙن ترقي جي سطح تي موجود تمام گهڻن ٽيڪنالاجي ڪمپنين وانگي ڪريم کي به 2 نين حقيقتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. رپورٽ مطابق ڪمپني صرف پاڪستان ۾ پنهنجي موجودگي برقرار رکڻ لاءِ توسيع لاءِ تقريبن 7 ڪروڙ 50 لک ڊالر وڃايا پاڪستان رائيڊر جي اعتبار سان ڪمپني جي وڏي مارڪيٽ آهي. هاڻي منافعو ڪمائڻ مشڪل ٿي ويو آهي ڪريم کي آمد رفت جي شعبي ۾ ايندڙ نئين ڪمپنين کان به مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن جنهن ۾ ايئر لفٽ ۽ مصر جي سول شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو