آمنا الياس نوجوان کي لت هڻي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)مشهور ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن لاءِ دلچسپ ويڊيوز شيئر ڪندي رهندي آهي، جن ۾ تفريح سان گڏوگڏ سمجهاڻي به هوندي آهي. هوءَ عورتن سان پيش ايندڙ واقعن تي کليل نموني ڳالهائڻ سان گڏوگڏ چهري جو رنگ ڀورو ڪرڻ لاءِ مختلف پراڊڪٽس جي مشهوري ڪندڙ اداڪارائن کي به تنقيد جو نشانو بڻائيند رهندي آهي، ڇو ته آمنا الياس جو پنهنجو رنگ سانورو آهي ۽ سندس موجب عوامي شخصيت هجڻ جي حيثيت سان اسان جو ڪم ٻئي کي خوبصورتيءَ جو احساس ڏيارڻ آهي، اسان ٻين کي شرمندگي ۽ احساس محرومي ۾ مبتلا ڪرڻ جو ڪو حق نٿا رکون.  هن انسٽاگرام تي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هوءَ هڪ نوجوان کي غطليءَ سان لَت هڻي کيس ڪيرائي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو