آمري لڳ ٻن ڪوچز ۾ آمهون سامهون ٽڪر 7 ڄڻا زخمي

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)آمري ڀرسان انڊس هاءِ وي ريلوي پل  تي ڪراچي کان سيوهڻ طرف ۽ دادو کان ڄامشورو طرف ويندڙ  ڪوچن ۾  آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾  7 مسافر زخمي ٿي پيا زخمين ۾ عالم کوسو عزيز اعواڻ انور ابڙو عامر علي ۽ ٻيا شامل آھن  پوليس جي دير سان پهچڻ سبب واٽھڙو ماڻھن زخمين کي سيوهڻ ۽ قاضي احمد جي تعلقه اسپتالن ڏانهن منتقل ڪرايو  جتي ٽن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي  حادثي سبب سيوهڻ ڄامشورو روڊ ھڪ ڪلاڪ بند ٿي ويو آمري پوليس ڪوچن کي روڊ تان هٽرائي روڊ کولرائي ٻنهي گاڏين کي  تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ت ٻئي ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وياآخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو