آمريڪي وزير دفاع جو آرمي چيف کي فون، ڇڪتاڻ بابت ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪا جي وزير دفاع مارڪ ٽي ايسپر پاڪستان جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان فون تي وچ اوڀر جي صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب آمريڪي وزير دفاع چيو ته هو خطي ۾ جنگ نٿا چاهين پر جيڪڏهن ضرورت پئي ته مڪمل طاقت سان جواب ڏينداسين.آءِ ايس پي آر موجب قمر جاويد باجوا چيو ته اسين خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ چاهيون ٿا امن جي قيام لاءِ ٿيندڙ هر ڪوشش جي حمايت ڪنداسين.

آرمي چيف ڌرين تي زور ڏنو ته  جذباتي فيصلن بدران سفارتي طريقو اختيار ڪيو وڃي. اسين دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي امن جي قيام لاءِ سخت محنت ڪئي آهي. پاڪستان افغان امن عمل لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو جيئن خطي ۾ جهڳڙا ختم ٿين ۽ نه ڪو وري نئون جهيڙو شروع ٿئي. ياد رهي ته اڳ ۾ آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو به آرمي چيف سان ڳالهايو هو. مائيڪ پومپيو دنيا جي مختلف ملڪن جي سويلين سربراهن سان ڳالهايو پر پاڪستان ۾ صرف آرمي چيف سان رابطو ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هن پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه ۾ محمود قريشي کي هدايت ڪئي آهي ته هو ايران، سعودي عرب ۽ آمريڪا جي هم عصرن سان رابطو ڪري ملاقاتون ڪري امن جي قيام لاءِ ڪوشش وٺي. عمران خان موجب هن آرمي چيف کي انهن ملڪن جي فوجي سربراهن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن نئين جنگ جو حصو ٿيڻ نٿو چاهي ۽ نه ئي پنهنجي سرزمين ڪنهن کي استعمال ڪرڻ ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو