آمريڪي نيوي جو 90 ڏينهن آسمان ۾ رهندڙ جاسوسي جهاز

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي نيوي بنا پائلٽ جي هلڻ وارو هڪ اهڙو جاسوسي جهاز تيار ڪري رهي آهي جيڪو 90 ڏينهن مسلسل اڏامندو رهندو. سولر پاور تي هلندڙ هي جهاز جنهن کي ’آسمان ۾ رهندڙ‘ يعني اسڪاءِ ڊويلر سڏيو پيو وڃي اسپين جي ڪمپني سان گڏجي تيار ڪيو پيو وڃي. هن جو مقصد سمنڊن جي نگراني ڪرڻ ۽ سمنڊ ۾ هلندڙ جهازن جي مانيٽرنگ ڪرڻ ۽ کين تحفظ ڏيڻ آهي. هن وقت آمريڪي نيوي وٽ 30 ڪلاڪ اڏام ڀريندڙ ڊرون موجود آهن. 90 ڏينهن آسمان ۾ رهندڙ جهاز جي 236 فٽن تائين ڦهليل پرن ۾ 2900 هم چورس فتن ۾ فوٽو ووليٽڪ سيل هوندا جيڪي 2 ڪلو واٽ توانائي پيدا ڪندا. هن جهاز ۾ هائيڊروجن فيول سيل به هوندا جيڪي موسم خراب هئڻ جي صورت ۾ متبادل طور ڪم ڪندا. وڌيڪ تفصيل پڙهو نيو سائنٽسٽ جي هن رپورٽ ۾.

پهنجو تبصرو موڪليو