آمريڪي نائب وزير خارجه پاڪستان پهچي وئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت آمريڪا جي ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري ايلس ويلز سريلنڪا ۽ ڀارت کان پوءِ 4 ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي وئي آهي. آمريڪي نائب معاون وزير خارجه ايلس ويلز ابوظهبي کان اسلام آباد ايئرپورٽ پهتي. ايلس ويلز دوري ۾ پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت ۽ ٻين اعليٰ انتظاميه سان ملاقاتون ڪندي ۽ پاڪ آمريڪا تعلقاتن، افغان مفاهمتي عمل تي پيش رفت جو جائزو ورتو ويندو. ان کان علاوهه پاڪستاني قيادت سان ملاقات دوران ڄمون ڪشمير ۽ مقبوضه خطي ۾ ڀارت طرفان کنيل غاصباڻي قدمن، وچ اوڀر جي صورتحال خصوصي طور آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ تي به ڳالهيون ڪيون وينديون. خيال رهي ته ايلس ويلز ڏکڻ ايشيا جي دوري ۾ پهرين مرحلي ۾ 13 جنوري تي سريلنڪا پهتي جنهن کانپوءِ 15 جنوري تي ڀارت جو دورو ڪيو. دفتر خارجه کان 10 جنوري تي جاري بيان ۾ چيو ويو هو ته ايلس ويلز 2019 ۾ آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ ڪامياب مذاڪرات کان پوءِ آمريڪا ڀارت جي اسٽريٽجڪ گلوبل پارٽنرشپ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڀارتي انتظاميه سان ملاقات به ڪندي. جڏهن ته ان دوري ۾ افغان مفاهمتي عمل زلمي خليل زاد به ان سان گڏ هوندو. ايلس ويلز ان کان اڳ گذريل سال اپريل ۾ آمريڪا جي نمائندي خصوصي افغان مفاهمتي عمل زلمي خليل زاد سان گڏ اسلام آباد جو دورو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو