آمريڪي صدر جو بائيڊن پاران زال کي سليوٽ

لنڊن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن کي هڪ تقريب دوران پنهنجي زال جل بائڊن جو دڙڪو کائڻو پئجي ويو. آمريڪي خاتون اول، جو بائيڊن جي صدارت ۾ پنهنجو پهريون پرڏيهي سفر ڪيو جنهن دوران جو بائيڊن، جل بائيڊن سميت برطانيه جي رائل ايئر فورس هال ۾ فوجين کي خطاب ڪيو. تقرير دوران جل بائيڊن، جو بائڊن کي فوجين سان گڏ مشغول ڏسي مذاق ڪندي چيو ته ، ”جو ، ڌيان ڏي.“ پنهنجي زال جو دڙڪو ٻُڌي ، آمريڪي صدر فوري طور تي سنڀلجي زال جي تقرير ٻڌڻ شروع ڪري ڇڏي ، جڏهن جو بائيڊن کي تقرير تي ڌيان ڏيڻ دوران پنهنجي زال کي سليوٽ پڻ ڪرڻو پيو. جو بائيڊن جي فوري طوت متوجه ٿيڻ تي جل بائيڊن سميت ويٺل به کلڻ تي مجبور ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو