آمريڪا ۾ پاڪستان خلاف ڀارت جي لابنگ مضبوط آهي؛ عمران خان

پشاور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت جي آمريڪا ۾ لابنگ تمام گهڻي مضبوط آهي ۽ ان ڪري آمريڪي پاليسيون ڀارتي موقف سان اثر انداز ٿين ٿيون. پشاور ۾ اُتر آمريڪا جي اوورسيز ڊاڪٽرن ۽ خيبر ميڊيڪل ڪاليجن جي ايسوسيئيشن جي سالانه اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني تي زور ڏنو ته هو خصوصي طور تي مقبوضه ڪشمير ۽ شهريت ترميمي قانون بابت نئي دهلي خلاف لابنگ ڪن ڇاڪاڻ ته ملڪ جو بهترين ٽيلينٽ اوور سيز پاڪستاني آهن. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته پنهنجو (آمريڪا ۾ پاڪستاني ڊاڪٽرن جي تنظيم) پنهنجي لابنگ جي طاقت جي اهميت کي سمجهي. هن چيو ته هي وقت خاص طور پاڪستان لاءِ وڏي اهميت آهي ڇاڪاڻ ته ڀارت آر ايس ايس جي نظرئي کي عالمي سطح تي اُجاگر ڪرڻ چاهي ٿو. عمرن خان چيو آهي ته هي اهو وقت آهي جڏهن پهرين ڀيرو شهريت ترميمي قانون ۽ مقبوضه ڪشمير جي معاملي تي ڀارت کي عالمي سطح تي شديد تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو آهي ۽ خود پاڻ ڀارتي عوام بشمول سک به نريندر مودي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان طبي مرڪز ۾ جاري اصلاحتن بابت چيو ته ڪرپٽ نظام مان فائدو کڻندڙ مافيا هر جڳهه تي رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن. هن واضح ڪيو ته اسان جي حڪومت طبي ۽ تعليمي مرڪزن ۾ اصلاحات جي عمل کا پوئتي نه هٽندي ۽ ڪنهن به دٻاءُ کي برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومتون صرف 5 سال پورا ڪرڻ جون ڪوششون ڪنديون هيون جڏهن ته اسان جي حڪومت اصلاحاتون ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته اصلاحات جي آغاز تي ڪيتريون ئي حڪومت پوئتي هٽي وينديون آهن پر واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ته اسان جي حڪومت ان حوالي سان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندي. عمران خان چيو ته مهاتير محمد جي اصلاحات سبب مليشيا ڪٿان کان ڪاٿي پهچي ويو جڏهن ته ترڪي ۾ قرض جي شرح 30 فيصد هئي اصلاحاتن جي بدولت اُتان جي معيشت بهتر ٿي وئي آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ مان ٻاهر سرمائيڪارن لاءِ سازگار ماحول کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون جنهن جي تصديق ورلڊ بينڪ به ڪئي ۽ پاڪستان 10 بهترين ملڪن ۾ به شامل آهي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ ذريعي چين صنعت، زراعت ۽ ٽيڪنيل ايجوڪيشن ۾ مدد ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستاني رپيو مستحڪم ٿي رهيو آهي.هن چيو ته اسان جو بهترين ٽيلينٽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني آهن، عمران خان اوور سيز پاڪستانين تي زور ڏنو ته هو پنهنجي ڪمفرٽ زون کان نڪري ۽ پاڪستان واپس اچن.

پهنجو تبصرو موڪليو