آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ سخت گرمي جي لهر، تاريخي رڪارڊ ٽٽي ويا

پورٽ لينڊ(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ سخت گرمي جي لهر ڇائنجي وئي آهي جيڪا هڪ هفتو جاري رهڻ جو امڪان آهي. گرمي سبب شهري پريشان ٿي ويا آهن ۽ هڪومت کين گهرن تائين محدود رهن جي هدايت ڪئي آهي. آمريڪا جي اتر اولهه واري رياست اوريگون ۾ گذريل ڏينهن وڌيل گرمي ماضي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. گرمي سبب آئوٽ ڊور ويڪسينيشن سينٽر بند ڪيا ويا، اسٽورن تان ايئرڪنڊيشنڊ ۽ پکا وڪامي چڪا آهن، بيس بال جا ميچز رد ڪيا ويا آهن ۽ شهر ۾ مقامي حڪومت ڪولنگ سينٽر قائم ڪيا آهن. نيشنل ويڌر سروس موجب ڇنڇر تي اوريگون ۾ 42.2 سينٽي گريڊ گرمي جو پد رڪارڊ ڪيو ويو. سندن چوڻ آهي ته ماضي ۾ هتي 1965 ۽ 1981 ۾ 41.7 ڊگري گرمي رڪارڊ ٿي هئي. ڪئناڊا جي مختلف شهرن ۾ 46 ڊگري گرمي جو پد رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ايندڙ ڏينهن ۾ اهو 47 ڊگري به ٿي سگهي ٿو. ڪئنا ڊا جي برٽش ڪولمبيا جي شهر ليٽن ۾ 84 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. جتي جولاءِ 1937 ۾ 45 ڊگري گرمي رڪارڊ ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو