آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪورونا ڪيسن جو سيلاب اچي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۽ يورپ ۾ اومي ڪرون ڪيسن ۾ واڌ سبب  ڪورونا ڪيسن جو سيلاب اچي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪورونا ڪيسن جو نئون رڪارڊ سامهون آيو آهي جنهن ۾ 6 لک 77 هزار نوان ڪيس سامهون آيا جڏهن ته وبا سبب 1770 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا. فرانس ۾ پهريون ڀيرو هڪ ئي ڏينهن ۾ 3 لک کان وڌيڪ ڪورونا جا ڪيس سامهون آيا آهن. ان کان علاوه، ڪووڊ جا برطانيا ۾ 10 لک 94 هزار، اسپين ۾ هڪ لک 33 هزار ۽ اٽلي ۾ هڪ لک 89 هزار ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو