آمريڪا پاران افغان امن عمل اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان جي تعريف

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سيڪريٽري اسٽيٽ مائيڪ پومپيو چيو آهي ته تمام گهڻن چيلنجز باوجود پاڪستان افغان امن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا 70 سالن کان وڌيڪ عرصي کان انتهائي اهم ۽ معاملن تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙو اظهار هن پاڪستان جي 74 هين آزادي جي ڏينهن جي موقعي تي آمريڪي عوام پاران پاڪستاني عوام نالي موڪليل پيغام ۾ ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا بعد صحت ۽ معيشت کي بهتر ڪرڻ ۾ اسين تعاون ڪري زندگيون بچائي رهيا آهيون. هن چيو ته معيشت جي بهتري لاءِ شراڪت داري جي مختلف معاملن ۾ تعاون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هلندڙ سال 29 فيبروري تي ٿيل افغان امن معاهدي تي عمل درآمد لاءِ به ٻئي ملڪ گڏجي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن جو مثبت نتيجو مليو آهي ۽ 19 سالن کان جاري جنگ ختم ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو