آمريڪا جي 20 سالن جو گند اسين ڇو صاف ڪريون؟ وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا فيصلو ڪري ورتو آهي ته ڀارت سندن اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي ان ڪري پاڪستان سان مختلف سلوڪ ڪيو پيو وڃي.  اهڙو اظهار هن پرڏيهي صحافين سان انٽر ايڪشن دوران مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آمريڪا جي نظر ۾ پاڪستان هنن جو افغانستان ۾ ڇڏيل 20 سالن جو گند صاف ڪرڻ لاءِ رهجي ويو آهي، هن چيو ته موجوده حالتن ۾ افغانستان جو سياسي حل نظر نه پيو اچي، ڇو ته طالبان جو چوڻ آهي ته جيستائين اشرف غني افغانستان جو صدر رهندو هو ان سان ڳالهيون نه ڪندا، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طالبان کي افغان حڪومت سان ڳاليهون ڪرڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي، ٽي چار مهينا اڳ اسلام آباد ۾ طالبان اڳواڻن سان ملاقات ۾ هنن کي قائل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي پر هو ان لاءِ تيار نظر نه پيا اچن، هن چيو آهي ته سندس خيال آهي ته افغان حڪومت آمريڪا کي واپس افغانستان گهرائڻ چاهي ٿي پر آمريڪا افغانستان ۾ 20 سال رهي چڪو آهي، آمريڪا ٻيهر افغانستان آيو ته هو اهڙو ڇا ڪندو جو گذريل 20 سالن ۾ نه ڪري سگهيو، وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسان واضح ڪري چڪا آهيون ته پاڪستان ۾ آمريڪا کي ڪنهن به صورت ۾ فوجي اڏا نه ڏينداسين، اسين سديائين چيو ته طالبان سان ڳالهايو پر اشرف غني الزام هڻندو رهيو هاڻي جڏهن طالبان روس، چين، ايران سان ڳالهائين ٿا ۽ وڏي حصي تي قبضو ڪري چڪا آهن ته هو ڪيئن ڳالهيون ڪندا؟ ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪور ڪمانڊرز جي اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو هو ته افغناستنا جي صورتحال سبب ڪنهن کي قرباني جو ٻڪرو بنائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو