آمريڪا ايران تان پابنديون ختم ڪري، انتونيو گوئتريس

نيو يارڪ(ويب ديسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوئتريس امريڪي صدر جو بائيڊن تي زور ڀريو آهي ته هو ايران تان پابنديون ختم ڪري ۽ 2015 واري ايٽمي معاهدي موجب معاملا اڳتي وڌائي. هن چيو آهي ته ايران کي تيل عالمي منڊي ۾ وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن جو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ايران ڌمڪي ڏني آهي ته هو عالمي وهري اداري سان تعاون نه ڪندو. صدر ٽرمپ ايران سان جوهري معاهدو ختم ڪري 2018 ۾ مٿس پابنديون مڙهيون هيون. جنهن بعد ايران 2019 ۾ جوهري معاهدي جي ڪجهه شقن جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو