روينيو ملازمن جو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج

ٽنڊو محمد خان( مظفر علي بروهي)آل ريونيو ايمپلائز ايسوي ايشن جي مرڪزي صدر سيد سردار شاھ جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شھرن جي  ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ريوينيو ملازمن خلاف نازيبا زبان ۽ ھراسان ڪرڻ خلاف  شديد احتجاج ڪيو ويو  مختيار ڪار آفيس کان ھڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا پريس ڪلب پھتي ريلي کي خطاب ڪندي يونين جي ضلعي صدر پير فيصل جان سرھندي ۽ جنرل سيڪريٽري عبدالرزاق ڀٽي ۽ ٻين چيو ته ھڪ لساني  تنظيم جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي ۽ خيرپور جي وڪيلن جي ھڪ ٽولي پاران ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي راجه ڌاريجو ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي خلاف نازيبا زبان استعمال ڪرڻ خلاف اسين سڄي سنڌ جا ريوينيو ملازم احتجاج ڪري رھيا آھيون اڳواڻن چتاء ڏيندي چيو ته اگر لساني تنظيم جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي ۽ خير پور جي وڪيلن متاثر ڊپٽي ڪمشنرن کان معافي نه ورتي ته اسين احتجاج جو دائرو وڌائي ڪجھ به ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين اسان اڄ کان پنهنجي تحريڪ شروع ڪرڻ  جو اعلان ڪريون ٿا  آل سنڌ ريوينيو ايمپلائز ايسوي ايشن جا ملازم اھڙن واقعن جي سخت مذمت ڪريون ٿا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو