آفيسر پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگي بهتر ڪن : ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو

ٺٽو (رپورٽ:  جاويد لطيف ميمڻ ) ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائين ۽ موجود سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي عوام کي وڌ ۾ وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي. هُن چيف ميونسپل آفيسر ٺٽو ۽ سمورن ٽائون آفيسرن ۽ ايڊمنسٽريٽرن کي هدايت ڪئي آهي تـ هو يونين ڪائونسل سطح تي پوري ضلعي ۾ هفته صفائي سميت رولو ڪُتن کي مارڻ بابت خصوصي مهم شروع ڪن ته جيئن شهرن کي صاف سٿرو بنائي عوام کي خوشگوار ماحول فراهم ڪرڻ سان گڏو گڏ ڪورٽ جي حڪم جي تعميل کي پڻ يقيني بنائي سگھجي. اهڙين ڳالهين جو اظهار هن اڄ دربار هال مڪلي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون رياض حسين لغاري، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر مشتاق احمد ميمڻ، ريجنل پروگرام مينيجر مرف آدم ملڪ، چيف ميونسپل آفيسر راج ڪمار، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ اعجاز احمد ڀٽو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر مهرين اقبال سومرو، ايڪسين ڪوسٽل هاءِ وي محمد اسماعيل، ايڪسين هاءِ وي شوڪت علي راڄپر، ايڊمنسٽريٽر گھوڙاٻاري عبدالغفور هيجب، ٽائون آفيسر مڪلي محمد شعيب ابڙو کان علاوه روينيو، انفارميشن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا عملدار موجود هئا. ڊپٽي ڪمشنر کين وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو بجلي جي پولن تي لڳل اسٽريٽ لائٽس جي مرمت ۽ انهن کي فعال بنائڻ سميت مين روڊن جي ٻنهي پاسن کان بيٺل جھنگ کي پڻ جلد ڪٽرائي کيس تصويرن سان گڏ رپورٽ پيش ڪن ته جيئن اعليٰ عملدارن کي اهڙي رپورٽ پيش ڪري سگھجي. هُن کين اها پڻ هدايت ڪئي ته هو فائر برگيڊ سميت سموري گھربل مشينري تيار حالت ۾ رکن تـ جيئن سپريم ڪورٽ جي حڪم جي تعميل ۾ ضلعي مان ناجائز قبضا ۽ حد دخليون هٽائڻ واري عمل کي يقيني بنائي سگھجي. ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تـ هو سرڪاري اسپتالن ۾ قائم ليبارٽرين جي ڪم کي صحيح ڪن جڏهن ته طبي قانوني تصديق (ميڊيڪو ليگل ڪنفرميشن) واري عمل کي پڻ ذميواري سان سرانجام ڏنو وڃي ۽ ان ڏس ۾ مُناسب رپورٽ پڻ پيش ڪئي وڃي. هُن چيو ته ان ڏس ۾ مجرمانـ عمل ۾ ملوث عملدارن ۽ ڊاڪٽرن خلاف سخت قدم کنيا ويندا. ڊپٽي ڪمشنر سمورن لاڳاپيل عملدارن تي زور ڀريو ته هو ٻن ڏينهن ۾ سموري صورتحال بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪن ته جيئن وڌيڪ حڪمت عملي جوڙي سگھجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو