آمدن کان وڌيڪ اثاثا،غا سراج سپريم ڪورٽ ٻاهران نيب هٿان گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب ٽيم آغا سراج دراني کي سپريم ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪري ورتو. هن عدالتي حڪم تي گرفتاري پيش ڪئي جنهن بعد نيب ٽيم هن کي پنهنجي حراستي مرڪز ۾ منتقل ڪيو. گرفتاري وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج چيو ته پهريون ڀيرو جيل نه پيو وڃان، جيل کان ڊڄان به نٿو پر اها خبر اٿم ته نيب مان چڱائي نه ٿيندي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي. ايتري عرصي ۾ نيب ڪيس جو فيصلو ناهي ٿيو. ان کان اڳ صبح جو جڏهن سندس ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي تي سپريم ڪورٽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دُراني کي نيب اڳيان سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، نيب جي ٽيم سندس گرفتاري لاءِ عدالت ٻاهران موجود آهي جيئن ئي هو عدالتي حد مان ٻاهر نڪرندو ته کيس گرفتار ڪيو ويندو. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ سندس ضمانت جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سندس ضمانت رد ڪئي آهي، سپريم ڪورٽ ان عمل کانسواءِ ڪيئن ضمانت منظور ڪندي؟ ٻڌڻي دوران جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته هاءِ ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ بعد آغا سراج دُراني کي جيل ۾ هجڻ گهرجي ها. هن چيو تھ آغا سراج دُراني گرفتاري ڇو پيش نه ڪئي، اسان کيس خاص رعايت ڇو ڏيون؟ عدالت چيو آهي ته آغا سراج دُراني پهرين هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري ۽ نيب وٽ گرفتاري پيش ڪري، اُن کانپوءِ ايندڙ هفتي سندس ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي ويندي، اسپيڪر آغا سراج دُراني کي عدالتي احاطي مان گرفتار نه ڪرڻ واري درخواست به رد ڪئي وئي آھي. سندس وڪيل عامرنقوي جسٽس عمر عطا بنديال کي چيو ته اسين اوهان آڏو سرينڊر ڪريون ٿا، جج چيس اوهان نيب آڏو سرينڊر ڪريو. وڪيل چيو ته عدالت ٻاهران گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏيو اسين سنڌ ۾ گرفتاري پيش ڪنداسين، اهو بيان حلفي ڏيڻ لاءِ تيار اهيون. عدالت چيو ته اسين نيب جي ڪم ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون. ياد رهي ته آغا سراج دراني ۽ سندس گهر ڀاتين خلاف نيب ۾ آمدن کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس داخل آهي جنهن ۾ مٿس فرد جرم به لاڳو ٿيل آهي.هن تي 352 غيرقانوني برتيون ڪرڻ، سنڌ اسمبلي ۽ ايم پي اي هاسٽل جي تعمير ۾ ڪرپشن جا الزام به آهن. نيب جو چوڻ آهي ته 1985 کان 2018 تائين هو پنهنجي هڪ ارب 61 ڪروڙ جي آمدن جو ڪو ثبوت نه ڏئي سگهيو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو