آصف علي زرداري جي ضمانت تي ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي هاءِ ڪورٽ آمريڪا ۾ فليٽ جي  نيب انڪوائري ڪيس ۾ آصف زرداري جِي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي شروع ڪئي ته اڳوڻي صدر جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته اڳوڻو صدر بيمار آهي ۽ اسپتال ۾ داخل آهي، کيس  حاضري کان آجو قرار ڏيندي حفاظتي ضمانت منظور ڪريو. نيب کيس طلبي جا نوٽيس ڏنا آهن، خدشو آهي ته کيس گرفتار ڪيو ويندو، جسٽس عامر فاروق چيو ته جوابدار جي غير حاضري سبب کيس حفاظتي ضمانت نٿي ڏئي سگهي، چيف جسٽس چيو ته اهو ته پوءِ سڀني لاءِ مثال بڻجي ويندو. آصف زرداري عبوري ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهي ٿو. فاروق نائڪ چيو ته مهلت ڏيو هو سڀاڻي ايئر ايمبولينس ۾ ايندو. عدالت وڌيڪ سماعت سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي خرم شيرزمان 2018 نيويارڪ جي مينهيٽن واري علائقي ۾ فليٽ ظاهر نه ڪرڻ تي خندس خلاف نا اهلي جو ڪيس داخل ڪيو هو. جيڪو هن واپس وٺي ڇڏيو هو. گذريل مهيني جڏهن نيب ان بابت انڪوائري شروع ڪئي ته آصف علي زرداري چيو هو ته سندس اها ملڪيت ناهي نيب بدنام پئي ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو