آصف علي زرادري 16 جولاءِ تي نيب ۾ طلب

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) نيب راولپنڊي اڳوڻي صدر آصف زرداري کي هڪ ڀيرو ٻيهر نيويارڪ فليٽ ڪيس ۾ 16 جولاءِتي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس اُماڻي ڇڏيو آهي. آصف زرداري کي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ۽ غيرقانوني طور اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ ٻيهر طلب ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ جاري نوٽيس ۾ نيب راولپنڊي چيو آهي ته آصف زرداري جي درخواست تي کيس 23 ڏينهن جي مهلت ڏئي رهيا آهيون، اڳوڻي صدر کي 16 جولاءِ تائين نيويارڪ ۾ فليٽ جو رڪارڊ ۽ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت، نيب راولپنڊي طرفان اڳوڻي صدر جي ڪراچي ۽ اسلام آباد وارن گهرن تي نوٽيس اُماڻيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو