آصف زرداري پاران عيد کانپوءِ حڪومت خلاف تحريڪ جو اعلان

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عيد الفطر کانپوءِ ملڪي سطح تي حڪومت خلاف منظم تحريڪ شروع ڪنداسين. اهڙو اعلان هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان 6 ڪيسن ۾ عبوري ضمانتن ۾ واڌ حاصل ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. نيب پاران 36 ڪيسن ۾ جاچ واري بيان بعد هن 7 ڪيسن ۾ ضمانت ڪرائڻ لاءِ دنل درخواستن جي موقعي تي چيو ته حڪومت کي تحريڪ بابت اسانجي ارادن جي خبر آهي تڏهن نيب جا ڪوڙا ڪيس ڪيا وڃن ٿا. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته نيب ۽ معيشت گڏ نٿا هلي سگهن، هو پنهنجي بيان تي قائم آهي.

ايمنسٽي اسڪيم بابت سوال تي هن چيو ته اڳ ۾ هي ماڻهن کي امير ڪن ٿا پوءِ ٽيڪس هڻن ٿا، هي ڪارو ناڻو سفيد ڪرڻ لاءِ آهي. ان کان اڳ جسٽس عامرفاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي مشتمل بينچ آڏو نيب م سندس خلاف هلندڙ 8 انڪوارين وارن ڪيسن مان 7 ۾ عبوري ضمانت لاءِ درخواستن جي سماعت ٿي ته جسٽس عامر فاروق چيو ته اڄ ته ضمانتن جي درخواستن جو سيلاب آيل آهي. عدالت ”جي وي اوپل ڪمپني“ پاران ملڪيت خريدڻ واري ڪيس ۾ پنج لکن جي مچلڪن عيوض 12 جون تائين عبوري ضمانت منظور ڪئي. جڏهن ته باقي پنجن ڪيسن ۾ عبوري ضمانتن ۾ واڌ جي منظوري ڏني ۽ هريش اينڊ ڪمپني ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي سماعت 30 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 30 مئي، پارڪ لين ڪيس ۾ 12 جون، توشه خاني مان گاڏيون خريداري م 20 جون ۽ مشڪوڪ ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ 21 مئي تائين عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏني. ياد رهي ته ڪالهه نيب وارن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته زرداري خلاف 36 معاملن ۾ انڪوائريون هلن پيون، هن مهل تائين 8 ڪيسن ۾ سندس خلاف ثبوت مليا آهن. سندس گرفتاري وارنٽ پارڪ لين واري رڳوهڪ ڪيس ۾ جاري ٿيا آهن ۽ 2 عبوري ريفرنس داخل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو