آسٽريليا ۾ ڊرون ذريعي کاڌي ۽ دوائن جي فراهمي شروع

ڪينبرا(م ڊ) ڪيترن سالن جي محنت ۽ تحقيق کان پوءِ آسٽريليا ۾ ڊرون جي ذريعي پيزا جي ڊلیوری جي شروعات ٿي وئي آهي. آسٽريليا جي گادي واري شهر ڪينبرا جي علائقي ۾ گوگل جي ملڪيت ۾  شامل ڪمپني “ونگ ڊرون” ذريعي کاڌو، چاءِ، ڪافي ۽ دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن ڪمپني جو هڪ ڊرون علائقي جي 100  گهرن ۾ گهربل سامان پهچائڻ جي قابل هوندو. آسٽريليا جي ڊرون ذريعي پيزا پڄائڻ جون ڪوششون 2014 کان وٺي جاري هيون. ونگ ڊرون جي ترجمان ٻڌايو آهي ته آزمائشي سروس دوران صارفين مان تمام گهڻي موٽ ملي آهي. آسٽريليا ایوی ایشن آفيسر پنهنجي سيڪيورٽي رڪارڊ جي معائني ۽ مستقبل جي رٿابندي بابت ڄاڻ وٺڻ بعد تجارتي مقصد لاءِ ونگ ڊرون ڪمپني کي شيون فراهم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو