آسٽريليا کان شڪست تي عوام صبر جو مظاهرو ڪري؛ پي سي بي

ايڊليڊ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا هٿان شرمناڪ شڪست تي پاڪستاني عوام کي صبر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هڪ ئي رات ۾ سڀ ڪجهه تبديل نه ٿو ڪري سگهجي. پاڪستان کي آسٽريليا ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ هڪ هڪ اننگز کان شڪست کاڌي پر اهو ڪو پهريون موقعو ناهي جو پاڪستان کي آسٽريليا ۾ شڪست نصيب ٿي آهي پر پاڪستاني ٽيم آسٽريليا ۾ مسلسل 14 ٽيسٽ ميچون هارائي چڪي آهي ليڪن هن سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم مقابلو نه ڪري سگهي ۽ شرمناڪ شڪست تي شوقينن ۾ مايوسي ڦهلجي وئي آهي. چيف ايگزيڪيٽو پي سي بي وسيم خان پاڪستاني ٽيم جي هارائڻ تي آسٽريليا ۾ هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي جڏهن توهان کٽڻ مهل خوشي جو اظهار ڪيو ٿا ته پوءِ شڪست کي به تسليم ڪيو پر شڪست سان دنيا ختم ناهي ٿيندي. هن چيو ته بحيثيت قوم اسان کي صبر ڪرڻو آهي اسان ٽيسٽ ۾ ستين ۽ ون ڊي ۾ ڇهين نمبر تي آهيون اهو صرف اتفاق ناهي. هن چيو ته رات ئي رات ۾ سڀ ڪجهه تبديل نه ٿو ڪري سگهجي ائين نه ٿو ٿي ته اسان ڪوچ تبديل ڪيون ۽ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. هن جو چوڻ هو ته اسان کي پنهنجو سسٽم تبديل ڪرڻو پوندو ان تي وقت ضرور لڳي سگهي ٿو پر نتيجا سامهون ايندا. چيف ايگزيڪيٽو پي سي بي وسيم خان چيو ته آسٽريليا ۾ ٽيسٽ چيمپئن شپ جو آغاز سٺو نه رهيو ليڪن آسٽريليا ۾ جيڪا به ٽيم اچي ٿي ان کي مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو ڇاڪاڻ ته آسٽريليا ۾ ڪنڊيشن ٽف آهي. هن چيو ته سيريز ۾ پاڪستان ٽيم لاءِ مثبت شيون به آهن پر اسان ان کي وساري ڇڏيون ٿا صرف آخري نتيجي کي ياد رکندا آهيون. وسيم خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته بابر اعظم بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ بالنگ ۾ به ڪجهه بهتري سامهون آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو