آسٽريليا جي 15 رنسن تان ويسٽ انڊيز کي شڪست

ناٽنگهم(م ڊ) آسٽريليا ويسٽ انڊيز کي دلچسپ مقابلي بعد 15 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي، ويسٽ اندِيز ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. آسٽريليا 288 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ 289 رنز جو ٽارگٽ ڏنو. آسٽريليا جو ٽاپ آرڊر ناڪام رهيو ۽ ويسٽ انڊيز جي شروع ۾ ميچ تي مڪمل گرفت هئي جڏهن 38 رنز تي 4 آئوٽ هئا ۽ 79 تي آسٽريليا جا 5 آئوٽ ٿي ويا. ڪپتان سمٿ ذميواري سان بيٽنگ ڪندي 73 رنز ٺاهيون ۽ بائونڊري لائن تي شيلڊن سندس ناقابل يقين ڪيچ پڪڙيو، هو ڀڄندي بائونڊري لائن کان ٻاهر نڪرن کان اڳ بال هوا ۾ لمائي چڏيو ۽ وري اندر اچي ڪيچ پڪڙيو. آسٽريليا جي 8 نمبر تي بيٽنگ ڪندي نيٿن ڪولٽر نائيل 60 بالن 92 رنز جي تيز اننگ کيڏي پنهنجي ٽيم جو منهن مٿي ڪيو. ويسٽ انڊيز جو به آغاز ڀلو نه هو، ڪرس گيل رويو وٺي پوءِ به ٻوٽو نه ٻاري سگهيو. جيسن هولڊر ۽ ڪارلوس خطرو بڻجي رهيا هئا پر مچل اسٽارڪ هڪ ئي اوور م کين پويلين موڪلي ويسٽ انڊيز کي 273 تائين محدود ڪيو ۽ نيوزيلينڊ جيان مسلسل ٻئي ميچ کٽي ورتي. آسٽريليا اربع تي پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز سومر تي ڏکڻ افريقا سان کيڏندو. ويسٽ انڊيز جي پاڪستان کي هارائڻ بعد سندس پهري شڪست هئي ۽ افريقا مسلسل ٽي ميچ هارائي چڪو آهي. ياد رهي اي بي ڊويليئر ريٽائرمينٽ واپس وٺڻ جي آڇ ڪئي پر ڪرڪٽ بورڊ چيو ته هو هڪ سال ٽيم لاءِ ناهي کيڏيو ڀلي ٽيم هارائي وڃي کيس واپس نه ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو