آسٽريليا جي بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست

دبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي گروپ 1 جي ميچ ۾ آسٽريليا بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. دبئي ۾ جاري ميچ ۾ آسٽريليا بنگلاديش خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ايونٽ ۾ لڳاتار ڇڪتاڻ کانپوءِ بنگلاديش جي بيٽنگ لائن هڪ ڀيرو ٻيهر بری طرح ناڪام ٿي وئي ۽ پوري ٽيم 73 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. بنگلاديش طرفان شميم حسين 19، محمد نعيم 17 ۽ محمود الله 16 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ آسٽريليا جارحاڻي انداز ۾ بيٽنگ ڪئي ۽ ستين اوور جي ٻي بال تي هدف پورو ڪري نه رڳو پنهنجي رن ريٽ بهتر ڪيو پر گروپ ۾ ٻي پوزيشن به حاصل ڪري ورتي. ان کان اڳ آسٽريليا طرفان ايڊم زمپا 19 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون، جوش هيزل ووڊ ۽ مچل اسٽارڪ 2-2 وڪيٽون ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو