آزاد صحافت جا نوان قاتل شڪاري، مودي، عمران ۽ اردوگان

عماد خالق / جاويد سولنگي

‘رپورٽرز ودآوٽ بادرز’ بين الاقوامي تنظيم آھي جيڪا صحافين جي حقن ۽ بچاء لاء ڪم ڪري ٿي۔ ان 37 ملڪن جي  سربراهن جي هڪ فهرست جاري ڪئي آهي جنھن جو چوڻ آهي ته اھي سربراھ  صحافين کي سينسرشپ ڪرڻ ، قيد ڪرڻ ، تشدد ڪرڻ، ڌمڪيون ڏيڻ يا کين  مارائي صحافت جي آزادي  کي مسلسل دٻائڻ جي ڪوشش ڪر رھيا  آھن۔ ان 37 اڳواڻن  جي  فھرست ۾ پاڪستان جو وزيراعظم عمران خان ، هندستان جو وزير اعظم نريندر مودي ، سعودي عرب جو شهزادو محمد بن سلمان ، ترڪي جو طيب اردگان ، ايران جو سپريم ليڊر علي خامنه اي ، چين جو صدر شي جن پنگ ۽ روس جو صدر  ولاديمير پوتن ۽ اتر ڪوريا جو ڪم جونگ به شامل آهن.

ان لسٽ ۾ ايشيا جي ٻن رياستن جون عورت سربراه به شامل آهن. جن ۾ بنگلاديش جي وزير اعظم شيخ حسينا ۽ هانگ ڪانگ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڪيريلام ۽ ڪجهه يورپي ملڪن جا سربراهه پڻ ساڳئي لسٽ ۾ شامل آھن۔ رپورٽر ود آئوٽ بارڊرز طرفان شايع ٿيل رپورٽ مطابق ، انهن ڪجهه رياستن جا سربراهه گذريل ٻن ڏهاڪن کان پنهنجي ملڪ ۾ پريس جي آزادي کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري بي بي سي جي سحر بلوچ کي ٻڌايو آهي ته رپورٽ ”ربش“  آهي ۽ حڪومت جلد ئي انهي سلسلي ۾ پنهنجو تفصيلي موقف ڏيندي۔

دنيا ٽي وي جي پروگرام ۾   فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پاڪستان هن وقت هڪ عالمي ‘پروپيگنڊا’ واري لڙائي کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن ۾ پاڪستان کي ‘مسنگ پرسنز / گمشدا ماڻھو’ ۽ ‘اظهار جي آزادي’ جي نالي تي پاڪستانين کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سندس موجب  اهو ڪم پاڪستان کي ھڪ ‘مينڊٽري  فريم ورڪ / سوچيل سمجھيل ڌانچي ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. فواد چوڌري موجب  ”اسان انھن کان معلوم ڪيو آھي ته انھن جي درجا بندي جا  معيار ڪھڙا آھن ؟ ڪھڙن معيارن تحت ھي درجا بندي ڪئي وئي آھي؟ اسان انھن کان پڇيو آھي ته  پاڪستان ۾ اھڙو ڇا ٿيو آهي جو  توهان  وزيراعظم نريندر مودي کي پاڪستان جي وزيراعظم  عمران خان سان گڏ شمار ڪيو آهي.

پاڪستان جي باري ۾ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ پريس جي آزادي تي وڌندڙ  رڪاوٽون ۽ پابنديون ڪنهن کان لڪيل نه آهن ۽ صحافين کي روزانو جي بنياد تي انهن جي زبان بندي سان گڏ تشدد ، اغوا ، ايذاءُ يا قتل ڪيو پيو وڃي. ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس موجب  180 ملڪن مان پاڪستان 145 نمبر تي آهي. رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز به ساڳئي صورتحال جو ذڪر ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جو نالو ’پريڊيٽرز آف پريس فريڊم / آزادي صحافت جا شڪاري’ واري فهرست ۾ شامل ڪيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان ھر وقت  توجه جو مرڪز رھڻ پسند ڪندو آهي  سياست ۾ قدم رکڻ کان اڳ هن يورپي ملڪن ۾ فيشن واري زندگي بطور ھڪ قومي ڪرڪيٽ اسٽار طور گذاري ۽ 2018 جي ​​چونڊن جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ اچڻ کان پوء  ملڪ ۾ آزادي صحافت  تي پابنديون لڳائڻ شروع ڪيون آهن. هن جي حڪمراني هيٺ ”جمهوري قوتون ڪمزور ٿي ويون ۽ سويلين بالادستي جي بدران ملڪ جي فوجي اسٽيبلشمنٽ “ڊيپ اسٽيٽ ” کي ئي طاقت ملي۔ رپورٽ مطابق هن جي حڪمراني دوران ملڪ ۾ مذهبي قدامت پسندي ، مشهوريت جي نظريي ۽ توهين مذھب جي قانون تي اختلاف پيدا ٿيا. ان رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هن جي دور حڪومت ۾، حڪومتي  نواز ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا کي ترقي ڏني وئي ۽ آزاد صحافت ڪرڻ وارن صحافين کي قانوني ڪيس ، قتل ، تشدد ۽ سينسرشپ جي رڪاوٽن کي  منهن ڏئي رهيا آھن. آر  ايس ايف چيو آهي ته ان جي پسمنظر ۾  ’فوجي انتظاميه‘  جيڪا ڪنهن جي پنهنجي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ پسند نٿي ڪري  ان پريس جي آزادي کي هر ممڪن طريقي سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جڏهن کان عمران خان اقتدار ۾ آيو آهي ملڪ جي پرنٽ ، ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا تي مختلف طريقن سان پابندي عائد ڪئي وئي آهي ، بشمول اشتهارن تي پابندي ، ٽي وي چينلن جي نشريات بند ڪرڻ سميت صحافين تي تشدد ۽ اغوا  ڪرڻ به شامل آهي۔ رپورٽرز ود آئوٽ بادرز ۾ چيو ويو آھي ته  عمران خان جي دوري حڪمراني  ماضي جي آمريت وارين  حڪومتن جي ياد ڏياري ٿي۔ رپورٽ موجب ملڪ ۾ حڪومت تي تنقيد ڪندڙ صحافين کي مختلف طريقن سان تنگ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ انھن کي ڪنھن  مسئلي تي رپورٽ ڪرڻ تي ِڌمڪيون ڏيڻ پڻ شامل آھن۔  سيڪيورٽي جي وجھ جي ڪري ملڪ کان ٻاھر ويندڙ صحافين کي انھن ملڪن ۾ به تنگ ڪيو وڃي ٿو۔ 

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت دوران ملڪ جي سوشل ميڊيا تي آزادانه  تبصرن ۽ عوامي راءِ تي سخت سوشل ميڊيا قانون لاڳو ڪندي دٻايو پيو وڃي. ۽ اهي صحافي جيڪي سوشل ميڊيا تي ‘ٽرولنگ  لاءِ تيار ڪيل ٽولن سان مقابلو ڪرڻ جي جرئت ڪن ٿا انهن کي ”پاڪستان مخالف“ ، ”فوج مخالف“ ۽ ”عمران خان مخالف“ جي نالي سان لکيو پيو وڃي۔ رپورٽر وِد آئٽ بارڊرز ملڪ ۾ پريس جي آزادي ۽ حڪومتي بيان بازي جو مثال ڏيندي لکي آھي ته “جولاء 2019ع  ۾  جڏهن وزيراعظم عمران خان واشنگٽن ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان ۾ آزادي صحافت تي  ڳالهائندي چيو ھو ته ڦن وقت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آزادي صحافت پاڪستان ۾ آھي، ان جي  ڪجھ ڪلاڪن کانپوءِ ، پاڪستان جو ھڪ وڏو نجي ٽي وي چينل جيو ٽي وي بند ڪيو ويو. رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز پنھنجي  رپورٽ ۾ چيو آھي ته  سن  2016 جي پنج سال بعد شايع ڪيل ‘ پريڊيٽرز آف پريس فريڊم’ جي فھرست  ۾ 17 ملڪن جي سربراهن کي پھريون ڀيرو شامل ڪيو ويو آھي۔ جيڪي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ملڪ جي ميڊيا تي پابنديون لاڳو ڪيون. انهن ۾ سعودي عرب جو شهزادو محمد بن سلمان پڻ شامل آهي.

رپورٽ ۾  19 ملڪن کي ڳاڙهي رنگ ۾ ڏيکاريو ويو آھي  جتي صحافت لاءِ حالات خراب آهن ۽ صحافين کي آزادي سان ڪم ڪرڻ ۾ ڏکيائيون آهن ، جڏهن ته 16 ملڪن کي ڪاري رنگ ۾ ڏيکاريو ويو  آهي جتي آزاد صحافت لاءِ صورتحال  تمام خراب آهي انهن ملڪن ۾ صحافين کي تمام خراب حالتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جتي آزاد صحافت سان گڏوگڏِ سنگين نتيجن کي به منھن ڏيڻو پوي ٿو۔ رپورٽ ۾  آزادي صحافت جا شڪاري طور بيان ڪيل 37 اڳواڻن مان  13 جو تعلق ايشيا-پئسفڪ علائقي سان آھي۔  رپوٽرز ود آئوٽ باڊرز جي جنرل سيڪٽري ڪرسٽفي ڊيلور جو ھن فھرست جي باري  چوڻ آھي ته ‘ آزادي صحافت جا شڪاري واري فھرست ۾ سڄي دنيا مان 37 ملڪن جي سربراھن کي شامل ڪيو ويو آھي پر ڪير اھو به نه ٿو چئي سگھي ته ھي رپورٽ جامع آھي۔  ان جو چوڻ ھو ته “هر ملڪ جي سربراهه جو  صحافت جي آزادي کي ختم ڪرڻ جو پنهنجو طريقو آهي. ڪجهه بغير منطق جي ۽ بي بنياد حڪم جاري ڪري خوف واري حڪومت قائم ڪن ٿا ته ڪي وري سخت قانونن جي حڪمتي عملي لاڳو ڪن ٿا۔  للڪار اھا ھجڻ گھرجي ته اسان حڪمرانن جي ھٿ ٺوڪيل ھر عمل کي معاشري ۾ قبول نه ڪيو۔  (هي مضمون بي بي سي ارد سروس تي شايع ٿيو جيڪو  جاويد سولنگي سنيار جي پڙهندڙن لاءِ ترجمو ڪيو). jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو