آر يا پار وارا هاڻي پيرين پوڻ لاءِ تيار آهن، بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پي پي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري مريم نواز جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو آھي تھ هنن جو نظرياتي سفر آر يا پار کان پيرين پوڻ تائين پهچي ويو آهي. اسان جا جيالا ڪنهن کي به پيرين نه پوندا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ڪشمير ۾ چونڊ جلسي کي خطاب دوران نواز ليگ تي تنقيد ڪئي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير مسئلي تي ڪنهن جي ڊڪٽيشن قبول نه ڪنداسين، ڪشميري عوام جو فيصلو اسلام آباد ۽ دهلي وارن کي تسليم ڪرڻو پوندو، ڪٺ پتلي وزير اعظم ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو، هاڻ ڪشمير مان ڪٺ پتلين کي ڀڄائي ساهه پٽينداسين، عوام خودڪشين تي مجبور آھن، اسان حڪومت ۾ اچي عوام جي تقدير تبديل ڪنداسين. هن چيو ته نهاري کائڻ لاءِ ڪنهن اتحاد ۾ شامل نه ٿينداسين، عمران خان کي ڪير هٽائڻ چاهي ٿو ته اسانجا ميمبر حاضر آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو