آر بي او ڊي جي پراڻن ملازمن جي پگهارون، نوان ريگولر

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) آر بي او ڊي سب ڊويزن سن جي  80  ملازمن کي  15 مهينن کان پگهارون نه ملي سگهيون جڏهن ته تازو ڀرتي ٿيل سفارشي ملازمن کي  ڳجهه ڳوهه ۾ ڀرتي  ڪري کين مستقل ڪيو ويو. 2017  ۾  سياسي بااثرن ڪامورن ۽ عملي ملي ڀڳت ڪري پراڻن ملازمن کي مستقل ڪرڻ بجاءِ سيوهڻ جي هڪ ئي گهر جي ٽن ڀاتين سميت 100 کان وڌيڪ سفارشي ماڻھن کي ڳجهه ڳوهه ۾  ڀرتي ڪري ريگيولر ڪيو ويو جن کي   ريگيولر پگهارن جا چيڪ به جاري ڪيا ويا جنهن سبب 2013 ۾  ميرٽ تي ڀرتي ٿيل 80 ملازمن مستقل ته نه ٿي سگهيا پر گذريل 15 مهينن کان سندن پگهارون به بند آهن جنهن سبب هو لنگهڻ ڪٽڻ تي مجبور ٿي ويا. پگهارون نه ملڻ کان پوء مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندڙ ملازم لاڪ ڊائون سڀب مزدوري ڪري پيٽ پالڻ کان به محروم ٿي ويا سياسي سفارش ۽ مبينا رشوت نه ڏئڻ سبب  2013 ۾ ميرٽ تي ڀرتي ٿيل ملازم 17 سال گذرڻ باوجود مستقل ٿي نه سگهيا ملازمن طرفان هاء ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي جنهن جي حڪم باوجود ڪامورن عدالتي حڪم کي هوا ۾ اڏائي کين مستقل نه ڪيو.متاثر ملازمن آصف لاشاري اشرف عمراڻي انور مڱڻھار نواز ڪنڀر خميسو عمراڻي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کين پگهارون جاري ڪري مستقل ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو