آر او پلانٽ خراب، شاخ جو پاڻي بند، شهري عذاب ۾ مبتلا

اسلام ڪوٽ (رپورٽ صادق بجير)آر او پلانٽ خراب ٿيڻ بعد بحال نه ٿي سگهيو آهي،جنهن سبب آراو پلانٽ ذريعي کاري پاڻي کي مٺو ڪري شهرين کي فراهم ٿيندڙ پاڻي جي سپلاء مڪمل طور بند ٿي ويئي آهي،جڏهن ته سنڌو دريا جو مٺو پاڻي جيڪو نئوڪوٽ شاخ  کان پائيپ لائين وسيلي اسلام ڪوٽ پهچائڻ بعد  واٽر سپلاء ذريعي شهرين کي مهيا ڪيو ويندو آهي اهو به هڪ مهيني کان مٿي عرصو گذرڻ بعد سپلاء نه ٿي سگهيو آهي،واٽر سپلاء جون سموريون اسڪيمون پبلڪ هيلٿ کاتي جي حوالي ٿيڻ بعد انتظامي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب لاوارثي جو شڪار بڻجي تباھ ٿي ويون آهن  جنهن سبب شهري گذريل سال کان پريشانين کي منهن ڏيئي رهيا آهن ،انهي حوالي سان مليل ڄاڻ موجب گذريل سال ڏيڍ کان آر او پلانٽ خراب ٿيڻ بعد شهرين جي پيئڻ پاڻي جو واحد ذريعو نئوڪوٽ کان ايندڙ سنڌو درياء جو پاڻي بچيو هو جيڪو  شروع ۾ ته  هر ڏھ ڏينهن تي  واٽر سپلاء ذريعي شهرين کي ملندو هو اهو به هاڻي  مهيني ڏيڍ تي ڏنو وڃي ٿو،گذريل مهيني کان مٿي عرصو گذري رهيو آهي پر شهرين کي پاڻي سپلاء نه ٿي سگهيو آهي،جنهن سبب اسلام ڪوٽ جي 40 هزار جي لڳ  ڀڳ آبادي پيئڻ جو پاڻي مهانگي اگهه تي گڏھ گاڏين وارن کان توڙي شهر ۾ هلندڙ فيڪٽري وارن کان خريدڻ تي مجبور آهي انهي ۾ به شهر جي اڪثر آبادي غربت سبب پاڻي خريدڻ جي سگهه نه هئڻ سبب سخت پريشانين کي منهن ڏيئي رهي آهي،جيڪي واٽرسپلاء ذريعي سپلاء ٿيندڙ جر جو کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن شهرين موجب سرڪار ڪروڙين روپيه خرچ ڪري آر او پلانٽ قائم ڪيو پر ڪو به فائدو نه ڏيئي سگهيو آهي.نئوڪوٽ وارو مٺو پاڻي انتظاميه  ٽينڪر مافيا کي وڪرو ڪري ڇڏي ٿي.سخت گرمي جي موسم ۾ پاڻي لاء سخت پريشان آهيون پر هتي ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي.شهرين ڊي سي ٿرپارڪر کان گهر ڪئي ته ترت نوٽيس وٺي شهر ۾ بئراج جي پاڻي جي سپلاء کي  يقيني بنائڻ سان گڏ آر او پلانٽ چالو ڪرائي پاڻي جو مسئلو ڪيو وڃي. انهي سلسلي ۾ رابطي تي پبلڪ هيلٿ کاتي جي ضلعي انچارج جوهر لال ٻڌايو ته لائيٽ  جي وولٽيج جو مسئلو هو اڄ تائين شهرين کي پاڻي جي سپلاء شروع ٿي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو