آريان خان پاران چرس واپرائڻ جو اعتراف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)باليوڊ ڪنگ شاھ رخ خان جي پٽ آريان خان چرس پيئڻ جو اعتراف ڪيو آھي.  ممبئي جي سمنڊ تي ھڪ ڪروز شپ تي ٿيندڙ پارٽي ۾ منشيات واپرائڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ڪروز شپ تي تلاشي جي دوران جاچ آفيسر آريان خان ۽ ارباز مرچنٽ کان سوال ڪيو تھ ھُنن وٽ ڪا نشي واري شئي آھي، سوال جي جواب ۾ ارباز مرچنٽ تسليم ڪيو تھ ان وٽ چرس آھي، جيڪو جوتن ۾ لڪيل آھي. ڀارتي ميڊيا موجب آريان خان اعتراف ڪيو آھي تھ ھو چرس پيئندو آھي ۽ ڪروز شپ تي بھ چرس پيئڻ وڃي رھيا ھئا، جاچ دوران ارباز مرچنٽ اين سي بي کي ٻڌايو تھ ھو آريان سان گڏ منشيات استعمال ڪندو رھيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو