آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ، پاڪستان جو ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ ٽيون ۽ فيصلائتو ميچ اڄ کيڏيو پيو وڃي. پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي ٽيمون هڪ هڪ ميچ کٽي چڪيون آهن ۽ سيريز کٽڻ لاءِ ٻئي پراميد آهن ۽ ڪريو يا مرو واري صورتحال آهي. پاڪستان جيڪو ون ڊي ۾ وائيٽ واش ٿي چڪو آهي پنهنجي پت رکڻ لاءِ هر قيمت تي هيسيريز کٽڻ جي ڪوشش ڪندو.

گذريل ميچ ۾ بابر اعظم پاران ٽاس کٽي بالنگ واري فيصلي تي تنقيد ٿي رهي آهي ته هن کي بيٽنگ ڪرڻ گهرجي ها. شعيب اختر چيو آهيته جيڪڏهن هن جو وس هلي ته هو ان فيصلي تي ڪپتان ۽ ٽيم مئنيجيمينٽ کي برطرف ڪري ها. بيٺل سج ۾ خشڪ پچ واري بيٽنگ جي بهترين وڪيٽ تي بالنگ ڪرڻ غلط هو. سعودي عرب جيا انگلينڊ ۾ به مسلمانن اڱاري تي عيد ملهائي. پاڪستاني ٽيم سرفراز احمد جي امامت ۾ عيد نماز ادا ڪئي. سرفراز خطبو به پڙهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو