انگلينڊ ون ڊي سيريز ۾ پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ ٽن ون ڊي ميچز جي سيريز جي آخري هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچز جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪي ڇڏيو.  بابر اعظم جي سينچري، امام الحق ۽ رضوان جي نصف سينچريون ضايع ٿي ويون. انگلينڊ بظاهر پهاڙ جيڏو 332 رنز جو ٽارگٽ 48 اوورز ۾ حاصل ڪري ورتو.  انگلينڊ جارحاڻي اننگ شروع ڪئي پر فل سالٽ جي ائوٽ ٿيڻ بعد ٽيمپو نه ٽٽو. جيمز ونس 102، ليوس گريگوري 77 ۽ زيڪ ڪرالي 39 رنز ٺاهي نمايان رهيا.

Screen shot

حارث رئوف 4، شاداب 2 ۽ حسن علي کي هڪ وڪيٽ ملي. جيمز ونس مين آف دي ميچ ۽ ثاقب مين آف دي سيريز رهيو. ان کان اڳ انگلينڊ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان کي پهريون نقصان فخرالزمان جي جلدي آئوٽ ٿيڻ جي صورت ۾ ٿيو جيڪو 14 بالن تي هڪ چوڪو هڻي 6 رنز تي ثاقب محمود جي بال تي زيڪ ڪرالي هٿان پنجين اوور ۾ ڪيچ ٿيو. پاڪستان پويون ٻئي ميچز هارائي چڪو آهي ۽ سيريز انگلينڊ کٽي چڪي آهي. انگلينڊ کي ٻئي وڪيٽ 26 هين اوور ۾ امام الحق جي ملي جنهن 7 چوڪن جي مدد سان 73 بالن تي 56 رنز ٺاهيون، کيس اسپنر پارڪنسن بولڊ ڪيو. جنهن بعد رضوان ۽ بابر اعظم جي 179 رنز جي پارٽنر شپ پاڪستان کي مضبوط سهارو ڏنو .

Babr Azam scored 158 in 3rd ODI against England, Photo Photo Twitter

رضوان 58 بالن تي 8 چوڪن جي مدد سان 74 رنز اسڪور ڪري برائڊن جي بال تي ڪيپر سمپسن هٿان ڪيچ ٿيو. صهيب مقصود 5 بالن تي 2 چوڪا هڻي جيمز ونس هٿان برائڊن جي بال تي ڪيچ ٿيو، ان وقت پاڪستان جو اسڪور 305 هو. جنهن بعد حسن علي آيو ۽ اونچي شاٽ جي چڪر ۾ 4 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. بابر اعظم 150 رنز ڪراس ڪري چڪو هو ته فهيم اشرف آيو ۽ 10 رن ٺاهي آئوٽ ٿيو، بابر اعظم 4 ڇڪن 14 چوڪن جي مدد سان 139 بالن تي 158 رنز ٺاهي برائڊن جو شڪار بڻيو، شاداب ۽ شاهين آفريدي زيرو تي موٽيا. سعود شڪيل ۽ حارث رئوف ناٽ آئوٽ رهيا، پاڪستان 6.63 جر رن ريٽ تي 50 اوورز ۾ 331 رنز اسڪور ڪري پهاڙ جيڏو ٽارگيٽ ڏنو. برائڊن 5، ثاقب 3 ۽ پارڪنسن هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو