آبپاشي ملازمن جو ڪيس داخل ڪرن خلاف احتجاج، ڌرڻو

مورو(مورائي اياز سولنگي) ايريگيشن روهڙي ڊويزن الشهباز يونين سنڌ جي صدر محمد عيسيٰ سنگراسي سميت ٻين ملازمن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف يونين اڳواڻن ۽ ملازمن جو مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، مظاهري جي اڳواڻي محمد حسن زرداري، محمد بخش ڪورائي، سيد پيرل شاھ، غلام مصطفيٰ سولنگي، عزيز احمد سنگراسي، حبيب الله سولنگي، محمد يعقوب وڳڻ، سيد سومر شاھ، عزيز حسين لغاري، محمد سليم ملاح ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جتي هنن چيو آهي ته اسان جي قائد ايريگيشن الشهباز يونين سنڌ جي صدر محمد عيسيٰ سنگراسي ۽ ٻين ملازمن تي هالا ڊويزن جي ايريگيشن کاتي جي عملدارن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هنن چيو آهي ته ايريگيشن جي اعليٰ عملدارن ڪرپشڻ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن جنهن ۾ چيف انجنيئر سکر ارشاد علي ميمڻ، اي سي روهڙي سرڪل حيدرآباد مختيار احمد ابڙو، انجنيئر ايريگيشن هالا ڊويزن طارق احمد ڪيهر، انجنيئر روهڙي ڊويزن ڪنڊيارو محمد رفيق سرهيو ملي ڀڳت ڪري ڪروڙن روپين جا ڪوڙا ٽينڊر ڪرائي ڪروڙن روپيا هضم ڪري ڇڏيا آهن ۽ سائيڊن تي ڏيکاريل ڪم رڳو ڪاغذن ۾ موجود آهن مگر سائيڊ تي ڪو به ڪم نه ٿيو آهي جنهن جي نشاندهي ڪرڻ تي مٿين آفيسرن مڇرجي اسان جي اڳواڻن سميت ٻين ملازمن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن هنن چيو ته اسان محنت ڪش مذدور آهيون ۽ سڄي ايريگيشن سسٽم کي هلايون ٿا مذڪوره داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم نه ڪيا ويا ته پوري سنڌ ۾ سڀاڻي اڱاري کان ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيا ويندا اگر ڪو به نقصان ٿيو ته انهي جا ذميوار ايريگيشن جا مٿيان اعليٰ آفيسر هوندا، هنن مطالبو ڪيو آهي ته ايريگيشن الشهباز يونين جي اڳواڻن ۽ ملازمن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو