آئي فون 13 جا 4 نوان ماڊل پاڪستان پهچي ويا، قيمت ڇا آهي؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايپل جا آئي فون 13 سيريز جا 4 فونز سيپٽمبر جي وچ ۾ متعارف ڪرايا ويا هئا ۽ هاڻي اٽڪل 2 مهينن بعد اهي پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيا ويا آهن. آئي فون 13 مني، آئي فون 13، آئي فون 13 پرو ۽ آئي فون 13 پرو ميڪس پاڪستان ۾ ايپل جي بااختيار ڊسٽريبيوٽر Mercantile Pacific پاران پيش ڪيا پيا وڃن. هن سال، ايپل 64GB اسٽوريج سان گڏ آئي فون 13 مني ۽ آئي فون 13 جا ورشن ڇڏيا، جڏهن ته پرو ماڊلز کي پهريون ڀيرو هڪ ٽي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي. سڀئي آئي فونز A15 بائيونڪ پروسيسر سان ليس آهن ۽ ڪمپني موجب ان جي ڪارڪردگي گذريل سال جي A14 کان 20 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

آئي فون 13 مني

iphone 13 Mini

128 جي بي اسٽوريج وارو فون 184,000 روپيا، 256 جي بي اسٽوريج وارو فون 270,000 روپيا ۽ 512 جي بي اسٽوريج وارو فون 248,000 روپيا ۾ دستياب هوندو.

آئي فون 13

iphone 13

آئي فون 13 جو 128 جي بي اسٽوريج ورزن 260,000 روپين ۾، 256 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 224,000 روپين ۾ ۽ 512 جي بي اسٽوريج وارو فون 272,500 روپين ۾ دستياب هوندو.

آئي فون 13 پرو

آئي فون 13 جي 128 جي بي اسٽوريج واري ماڊل جي قيمت 256,000 روپيا، 256 جي بي اسٽوريج واري ورزن جي قيمت 272,000 روپيا، 512 جي بي اسٽوريج واري فون جي قيمت 323,000 روپيا ۽ هڪ ٽي بي اسٽوريج واري آئي فون جي قيمت 369,000 روپيا آهي. اهو روپين ۾ وڪرو ٿيندو.

آئي فون 13 پرو ميڪس

128 جي بي اسٽوريج واري ماڊل جي قيمت 294,000 رپيا، 256 جي بي اسٽوريج واري فون جي قيمت 312,000 رپيا، 512 جي بي اسٽوريج واري فون جي قيمت 355,000 رپيا ۽ ٽي بي اسٽوريج واري ماڊل جي قيمت 399,000 رپيا آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو