آئين ٽوڙيندڙ ۽ اليڪشن چوري ڪندڙ غدار آهن، نوازشريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان خوشحال ٿي رهيو هو پر ان جي حالت اڄ خراب ٿي چڪي آهي. اسين جي 20 ۾ شامل ٿين وارا هئاسين، دنيا معاشي ترقي جي تعريف ڪري رهي هئي. هن چيو ته عمران خان کي آڻڻ وارا ٻڌائين ته هنن ڇو اليڪشن چوري ڪئي، عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو؟ اسانجو مقابلو سليڪٽڊ عمران خان سان ناهي، هي تحفو ڏيندڙ ٻڌائين ته ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو بي روزگار ڇو ٿيا آهن. ڪاڏي وئي اوهانجي ڪشمير پاليسي ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو ويو. مان چپ نه ڪندس ۽ مونکي ڪو چپ ڪرائڻ جي ڪوشش به نه ڪري. هن چيو اوهان سوچي ٻڌايو ته اسانکي تاريخ جي درست پاسي هجڻ گهرجي يا نه؟ هٿ کڻي ٻڌايو ته اوهان ساٿ ڏيندا. سڀني ها ڪئي ته هن چيو ته مان اوهان جو مان مٿانهون ڪندس مايوس نه ڪندس. هن چيو ته اسانجو مينڊيٽ چوري ڪري 4 ووٽن تي سليڪٽڊ کي کٽرايو ويو. اسين انڌا، گونگا ٻوڙا ناهيون سڀ ڏسون ۽ ٻڌون ٿا، زيادتي تي چپ نه رهنداسين. جج ڇا ٿا چون، ڪهڙو انصاف ملندو اسانکي؟ شهباز شري جو ڇا حشر ٿيو، سندس ڳالهه نٿي ٻڌي وڃي. هو نه ڪرڻ واري گناهه سبب جيل ۾ آهي. ٻئي پاسي جنرل عاصم باجوا آهي آمريڪا ۾ اربين روپين جي ملڪيت ٺاهي آهي، هو استعيفيٰ ٿو ڏئي ته عمران خان چوي ٿو نه نه اوهان ٺيڪ آهيو، واپس وٺو. اهو معيار آهي احتساب جو، ابن ڏاڏن کان ڪاروباري غلط آهن ۽ اربن جي مليڪت ٺاهڻ وارا ٺيڪ آهن. هي ٻٽا معيار آهن. جنهن ج ذميواري عمران خان تي آهي پر هو ته پتلو آهي اصل جوابدار هنکي آڻيندڙ آهن، جواب هاڻي انهن کي ڏيڻو پوندو. هن اسٽيبلشمينٽ کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڊالر 170 روپيا ٿيڻ جا اوهين ذميوار آهيو، معيشت جي تباهي، ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان جي غريب ترين ملڪ بڻجڻ جا ذميوار اوهين آهيو. هن تباهي کي ٺيڪ ڪير ڪندو، هاڻي او آءِ سي کي ڇڏي ٻيو بلاڪ ٿا ٺاهيو؟ هن انڪشاف ڪيو ته هڪ جنرل وڃي ججن سان مليو ته نواز شريف ۽ مريم کي ضمانت نه ڏيو، بينچ ۾ جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي شامل نه ڪيو. هڪ پاسي اهي ڪم ٻئي پاسي چئو ٿا ته اسين سياست م مداخلت نه ڪندا آهيون. جي آءِ ٽي ٺاهيو ٿا ۽ ان ۾ آءِ ايس آءِ جي نمائندي کي شامل ٿا ڪريو، ڪجهه نه مليو ته اقامي تي وزيراعظم کي هٽايو ويو. نواز شريف چچيو ته اسانجي اکين آڏو بلوچستان ۾ اسانجي حڪومت ختم ڪري نوان مهرا آندا ويا، ان مهل عاصم باجوا ڪور ڪمانڊر ڪوئٽا هو، اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ جرم آهي ان جو جواب ڏيڻو پوندو. هڪ اهڙي ماڻهو کي چيئرمين سينٽ ٺاهيو ويو جنهن کي ڪير سڃاڻندو نه هو، شرم جي ڳالهه ناهي، ڇا اسين رڍون ٻڪريون آهيون ته اوهين ائين هڪليندا رهندا؟  ان بعد عمران خان ۽ طاهرالقادري  جو ڳٺ جوڙ ٺاهيو ويو ۽ ڌرڻا هڻايا ويا، جنهن جو نتيجو قوم ڀوڳي پئي. نيب کي اهي شيون نظر نٿيون اچن، جنرل عاصم باجوا جي ملڪيت تي نيب اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، ڪاروائي نٿا ڪريو ته هن کي ڪو ميڊل ڏيو، تمغه جرئت هنکي ڏيو. نيب کي مالم جبا ۽ بي آر ٽي نظر نٿا اچن، اسٽي جو مقصد ڇا آهي؟ هي جيڪو پيسو ضايع ٿيو اهو عمران يا هنکي آڻڻ وارن جو ناهي هي قوم جو پيسو آهي، ان جو حساب ڏيڻو پوندو. فارين فنڊنگ ڪيس ايترن سالن کان ڇو دٻايو ويو آهي؟ ڇو ته ان ۾ وڏو مال کاڌو ويو آهي. عليمه خان کان ته ڪو پڇي نٿو ته هن ڪٿان جائيداد ٺاهي؟ نيب پڇي نه هن کان؟ عمران خان ڪڏهن ڪو ڪاروبار نه ڪيو ته بني گاله رياست ڪٿان ٺهي، زمان پڇارڪ ڪيئن ٻيهر ٺهيو، ٽيڪس هڪ ٻه لک ڏيو ٿا، ڪروڙن جا بنگلا ڪٿان آيا؟ اوهان کان سڀ حساب وٺنداسين. 1937 کان اسانجا وڏا ڪاروبار ڪندا اچن پيا ۽ اسين چور بڻجي وياسين، هي ڪو به نه مڃيندو. مون پاڪستاني فوجن جي خدمت ڪئي آهي ۽ آئنده به ڪنداسين. ڪيپٽن ناصر شهيد کي سلام پيس ڪريان ٿو پر ان فوجي کي سلام نه ڪندس جيڪو وزيراعظم هائوس جي ڀت ٽپي اچي، يا آمريڪا ۾ جائيداد ٺاهيندڙ کي به سلام پيش نه ڪندس، جيڪي فوجي آئين ۽ قانون جو احترام ڪن ٿا انهن لاءِ جان به حاضر آهي. جيڪي فوجي حلف جو احترام ڪن ٿا مان انهن جو احترام ڪريان ٿو، حلف ڇا ٿو چوي؟ مان صدق دل سان حلف ٿو کڻان ته پاڪستان جو وفادار رهندس ۽ آئين جي حفاظت ڪندس ۽ ڪنهن به قسم جي سياسي سرگرمين ۾ مشغول نه ڪندس، جيڪو ان جي پاسداري ڪري ٿو مان ان کي سيلوٽ ڪريان ٿو، جيڪو آئين ٽوڙي ٿو، قانون ٽوڙي ٿو اهو پاڪستان سان غدار ڪري ٿو ان سان ڪڏهن هٿ نه ملائيندس، مشرف سان به اختلاف اهو ئي هو ۽ اڄ به مينڊيٽ چوري ڪرڻ وارن سان ساڳيو اختلاف آهي. هن آخر ۾ پاڪستان زنده باد جو نعرو هڻي تقرير ختم ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو