آئين ٽوڙيندڙ غدار آهن، عدليا کان من پسند فيصلا ورتا ٿا وڃن، نواز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي ته اسان جو آئين واضح چئي ٿو ته ملڪ ۾ مقدس ڳئون اهو ئي آهي، جيڪو آئين جي پاسداري ڪري ۽ آئيني حدون ٽوڙيندڙ مقدس نه پر آئين جا ڏوهي آهن، ملڪ جا غدار آهن ۽ جيڪڏهن اسان سڌارو نه آندو ته مستقبل اونداهو ٿي سگهي ٿو. لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي ورچوئل خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته عاصمه جهانگير سڄي عمر عدل، انصاف، حق ۽ سچ جي جنگ وڙهندي رهي، اهو چوڻ غلط نه هوندو ته هوءَ بنا خوف سچ چوندڙ بهادر عورت هئي، موجوده جبر ۽ ٻوسٽ جي ماحول ۾ سندس کوٽ محسوس ٿي رهي آهي. هن چيو ته قوم ۾ گهري مايوسي ۽ بي وسي هن وقت سڀ کان خطرناڪ پهلو آهي، تاريخ شاهد آهي ته جڏهن قومون مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسنديون آهن ته پوءِ قوم جي بقا جا سوال جنم وٺڻ شروع ٿيندا آهن، اڄ قوم وري سوال اٿاري رهي آهي ۽ اڄ 22 ڪروڙ عوام کي جيڪي جواب گهربل آهن، جيڪڏهن اهي نه مليا ته مسئلا حل نه ٿيندا. سندس چوڻ هو ته موجوده دور اظهار جي آزادي ۽ انساني حقن جي حوالي سان ڪارو ترين دور ثابت ٿيو آهي، هن چيو ته سوال ڪرڻ وارن جون زباون ڇڪڻ ۽ گوليون هڻڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا. سياسي مخالفن، سياسي ڪالم نگارن يا سچ ڳالهائيندڙ ڪنهن به آواز کي ان جي سوال تي گم يا قيد ڪيو ويندو آهي، گوليون هنيون وينديون آهن يا نوڪري کسي ويندي آهي. نواز شريف چيو ته هتي آئين ٽٽندا آهن، قانون ٽٽندا آهن، عدالتون ٽٽنديون آهن ۽ من پسند ججن کان پنهنجي مرضي جا فيصلا ورتا ويندا آهن، آمرن کي قانوني حيثيت هتي ملندي آهي ۽ رياست مٿان رياست هتي هلائي ويندي آهي، سياسي انجنيئرنگ جون فيڪٽريون لڳايون وينديون آهن، ووٽ کي عزت ناهي ملندي، پارليامينٽ جي خود مختياري جو حال اهو آهي ته ڪجهه منٽن ۾ ڪيترائي قانون بلڊوز ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ ڏنل تجويزن جي روشني ۾ فوري طور حڪمت عملي جوڙي وڃي، سڀ مٿو ٻڌي ويهن ۽ حڪمت عملي اختيار ڪن ته جيئن هڪ عملي جدوجهد اختيار ڪري سگهجي، اسان وڌيڪ دير برداشت نٿا ڪري سگهون، اهو ڪم اڄ ئي ڪجي ته جيئن قوم کي گهري کاهيءَ مان ڪڍي سگهجي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ملڪ جو ان کاهيءَ مان نڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو ۽ تاريخ اسان کي ڪڏهن معاف نه ڪندي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب گلزار احمد خان سخت لهجو اختيار ڪندي چيو ته عدليا آزاد آهي عدليا تي ڪو دٻاءُ ناهي اسين فيصلا ميرٽ تي ڪندا آهيون. عدليا کي بدنام پيو ڪيو وڃي. پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره لاهور ۾ عاصمه جهانگير جي ياد ۾ ڪوٺايل سيمينار کي خطاب دوران چيو آهي ته سياست ۾ مذهب جي نالي تي احتساب نه ٿيندو آهي، اسان وٽ مسئلو آهي ته ادارا ڪم نٿا ڪن. ھن چيو تھ ڪنهن کان مطالبو ڪريون ته احتساب بهتر ڪندي عدل ۽ انصاف ڪن، دنيا ۾ ڪڏهن ائين ناهي ٿيو ته قانون ٺهي ۽ معاشرو ٺيڪ ٿي وڃي، ڪمزور ۽ خراب حڪمراني معاشري جي تباهي جو سبب هوندي آهي، دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ ليڪچر سان شيون ٺيڪ نه ٿينديون آهن. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪانفرنس کي خطاب ۾ چيو آهي ته قانون جي غلط استعمال سان معاشرو خرابي ڏانهن وڌندو آهي، ڇا هن احتساب ملڪ کي ڪجهه ڏنو آهي، نيب جو قانون اُن کي ٺاهيندڙن خلاف ئي استعمال ٿيو، احتساب آئين ۽ قانون پٽاندڙ هجڻ گهرجي، افسوس آهي جو نيب جو استعمال رڳو سياسي ماڻهن تي ٿي

پهنجو تبصرو موڪليو