آئين، جمهوريت، ميڊيا، عوام مڙهيل وزيراعظم جي نشاني تي آهن، بلاول

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيوآهي ته ڪوڙي ۽ سليڪٽڊ وزير اعظم کي قبول نه ڪنداسين، 25 جولاء تي اسان تي هڪ سليڪٽڊ حڪومت مڙهي وئي، سليڪٽڊ حڪومت عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو، مهانگائي جو بم ڪيرايو، اسان هن حڪومت جي خلاف بغاوت جو الم  بلند ڪري رهيا آهيون، آئين، جمهوريت ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ اسان سڀ هڪ ٿي چڪا آهيون، ان ڪري ته ملڪ جو هر طبقو حڪومت جي نشاني تي آهي، هن وقت رڳو هڪ صوبو ئي نه پر سڄو وفاق نشاني تي آهي، غربت نه پر غريب نشاني تي آهي. هن وڌيڪ چيو ته رڳو ميڊيا ئي نه پر ميڊيا جي آزادي به نشاني تي آهي. ڪجهه قانون ئي نه پر سڄو آئين نشاني تي آهي. ناڪام پاليسين جي ڪري اسان جو صوبو تباهه ٿي رهيو آهي. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته مرضي جا نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ آر ٽي ايس سسٽم ئي بند ڪيو ويو، لياري کان وٺي نائن زيرو تائين جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو. اسان ان فراڊ اليڪشن ۽ ڪوڙي حڪومت کي نٿا قبول ڪيون، نالائق ۽ نااهل عمران خان وزير اعطم بڻجڻ جي اهل ئي ناهي، جيستائين سليڪشن ٿيندي رهندي تيستائين ڪٺ پتلي حڪومتون بڻجنديون رهنديون. مسلم ليگ جي نائب صدر اياز صادق، اين اين پي اڳواڻ ايمل ولي گڏيل اپوزيشن جي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته عدليه ننڍين ننڍين ڳالهين جو نوٽيس وٺندي هئي، پر عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ جو نوٽيس نه ورتو ويو، ادارن پنهنجي عزت پنهنجي هٿن سان وڃائي آهي، جنهن جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. ڪراچي ۾ اپوزيشن جي گڏيل جلسي کي پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ رضا محمد رضا ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو