آئنده قيمي وارا نان نه باجوا جا پيزا کارائينداسين، مريم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز چيو ته هڪ گجرانوالا جي جلسي ۾ نواز شريف جي هڪ تقرير کان ڊڄي ويا آهيو، اگر همت اٿو ته ٻڌايو سندس تقرير عوام کي، جيڪڏهن اوهان ايترا بزدل آهيو ته پوءِ تبصرن جو به اوهان کي حق ناهي. هن چيو ته عمران خان چوندي چوندي رهجي ويو ته نيب هن سان گڏ آهي. هن شهيد بينظير ڀٽو کي والده جيان قرب ڏيندڙ عورت قرار ڏيندي چيو ته نواز شريف ۽ بينظير ڀاءُ ڀيڻ بڻجي ويا هئا، بلاول ۽ مان به هاڻي ايئن آهيون ۽ ان رشتي کي نڀايون ٿا، هن بلاول جو نالو کڻي چيو ته اڄ عهد ڪيو ته مستقبل ۾ سياسي مخالفت کي عمران خان جي روايتن کان بچائبو. مريم چيو ته ها مان ناني آهيان هڪ نه پر ٻن ٻارن جي، هي ته احترام وارو رشتو آهي ۽ هو مذاق ٿو بڻائي. هو چوي ٿو ته بلاول ۽ مريم حرام جي پيسي تي پليا آهن، تون اهو ته ٻڌاءِ سليڪٽرن پاران ڏنل هن نوڪري کان اڳ ڪهڙي تنهنجي نوڪري هئي. سدائين پراين پيسن تي پلجندڙ کي اهڙا الزام نه هڻن گهرجن، هن چيو ته عوام جي اندگي تنگ آهي، ٻن ويلن جي ماني کسي آهي، سبزي، اٽو، کنڊ، دوائون، بجلي، گيس هر شئي مهانگي ڪئي آهي. هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو آسرو ڏئي لکين ماڻهن کان روزگار ڦري ڪروڙن ماڻهن جو آسرو ختم ڪيو آهي، هن چيو ته ڪراچي مان جعلي سيٽون کڻڻ وارا ڪجهه ته ٻڌايو ڪيو ڇا آهي؟ تنهنجو ڪارنامو بي آر ٽي آهي 120 ارب م، اسين 4 شهرن ۾ ميٽرو 80 ارب ۾ ٺاهيون، تنهنجي گاڏين ۾ باهه ڇو ٿي لڳي؟ بلين ٽري جي هڪ هڪ وڻ ۾ تون ڪرپشن ڪئي، عورتن سان بي حرمتي، گينگ ريپ، غربت، مهانگائي، پاڪستان کي افغانستان کان به هيٺ کڻي وڃڻ تنهنجو ڪارنامو آهي. سقوط ڪشمير، دنيا ۾ پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ تنهنجو ڪارنامو آهي، اسانکي غدار ٿو چوي ، فارين فنڊنگ جي ڪيس جو فيصلو آيو ته تون چور هوندين. جڏهن اسان سوال ٿا ڪريون ته چئو ٿا ته غدار آهيون ۽ مودي جي زبان ٿا ڳالهايون، ڪشمير هارائين تون، ڪلڀوشن لاءِ قانون سازي ڪرين تون، وڪيل ڳولين تون، مودي جي کٽڻ جي دعا ڪرين تون تون ۽ اسين هن جي زابن ٿا ڳالاهايون يا تون؟هن چيو ته فوج جي پگهار وڌائيندڙ نواز شريف، ايٽمي ڌماڪا ڪندڙ، دهشتگردي خلاف جنگ ڪندڙ نواز شريف، سياچن جي مورچن ۾ نواز شريف ۽ بينطير وڃن، تون چوين ٿو ته اسين دشمن جي ٻولي ٿا ڳالهايون؟ تون فوج کي آلوده ڪيو آهي، پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ فوج جي پويان لڪين ٿو، ڇا فوج جو تون ٺيڪو کنيو آهي، پاڪستان جي فوج اسانجي آهي، نواز شريف جي آهي تنهنجي ناهي، نواز سريف اهو ضرور ڪيو آهي ته هن ڪجهه ڪردارن جي وچ ۾ واضح لڪير ڇڪي آهي، شهيدن کي اسين به سلام ٿا ڪريون پي ڊي ايم به ڪري ٿو عوام به ڪري ٿو پر هڪ يا ٻه ماڻهو ادارا نه هوندا آهن پر ادارن جي بدنامي جو سبب بڻبا آهن، جڏهن هو ادارن جي اوٽ ٿا وٺن ته ادارن کي بدنام ٿا ڪن، عوام جي ووٽن کي بوٽن سان ڪچلڻ وارن کي سلام نه ڪنداسين، حڪومت ڪيرائڻ ۽ ٺاهڻ وارن، اقامي تي نا اهلي ڪرائڻ وارن، عدالتن تي اثر انداز ٿيڻ، ججن کان پسند جا فيصلا وٺندڙ اسانجو هيرو ناهي، ان کي نٿا مڃون؟ مريم چيو ته نواز شريف ڇا ٿو چوي؟ هو چوي ٿو ته سياست م مداخلت نه ڪريو، چونڊيل ماڻهن کي ڪڍڻ جو اختيار عوام کي آهي، عوامي نمائندن جي تضحيڪ نه ڪريو، عوامي مينڊيٽ جي عزت ڪريو ڇا هو غلط ٿو چوي؟ جيڪڏهن هو چوي ٿو ته حلف جي پاسداري ڪريو، ميڊيا کي آزاد ڪريو، جسٽس شوڪت عزيز ۽ جسٽس فائز عيسيٰ سان انصاف ڪريو ته ڇا اها غلط ڳالهه آهي، هن چيوته مسلم ليگ (ن) تي پابندي هڻندا، ڇا هي مشرف جي ڪيو ليگ آهي؟ اليڪشن ڪميشن ۾ ويندي، اسان به پويان اينداسين ته 4 سالن ۾ فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڇو نه ٿو اچي؟ هن چيو ته هي تحريڪ تيسين هلندي جيسين اوهانجي چلهه نه ٻرندي، جيسين آئين ۽ قانون جي حڪمراني قائم نه ٿيندي، ميڊيا ۽ عدليا جي آزادي تائين جاري رهندي. هن اختر مينگل جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اسين آئنده قيمي واران نان نه پر عاصم سليم باجوا وارا پيزي جيڪي اسانجي پيسن جا آهن اهي کارائينداسين. هن هي شعر پڙهندي تقرير ختم ڪئي. ‘جو بزدل هي وه هٽ جائي جو شير هي وه ڊٽ جائي’.  

پهنجو تبصرو موڪليو