آءِ فون 12جلد مارڪيٽ ۾ اچڻ وارو، قيمت ڪيتري هوندي؟

ڪراچي (ويب ديسڪ)سڄي دنيا ۾ سمارٽ فون جي شوقينن ۽ خاص ڪري آءِ فون جي هيراڪ صارفين کي آٰءِ فون 12 جو شدت سان انتظار آهي. جيڪو ماڊل هلندڙ سال عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب دير جو شڪار ٿي ويو آهي.آءِ فون 12 جي حوالي سان هر گذرندڙ ڏينهن کان پوءِ مختلف خبرون سامهون اچي رهيون آهن. جڏهن ته اهو به چيو پيو وڃي ته ايپل 13 آڪٽوبر 2020 تي آءِ فون 12 لانچ ڪندو. هاڻ تازو ئي وال اسٽريٽ جي تجزيه ڪارن چيو آهي ته  اسان کي اميد آهي ته آءِ فون 12 جي قيمت آءِ فون 11 جي مقابلي ۾ 100 ڊالر وڌيڪ مهانگي هوندي.آمريڪي بينڪ جي تجزيه ڪار وامسي موهان چيو هو ته هن سال آءِ فون 12 جي قيمت 100 ڊالر تائين مهانگي هوندي. ڇو ته هن ماڊل ۾ سپر فاسٽ 5 جي ڪنيڪٽوٽي جو به اضافو هوندو. پر آءِ فون 12 جي قيمت ۾ اضافي جي حوالي سان ڪمپني طرفان ڪابه تصديق نه ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو