آءِ جي کي اغوا ڪرڻ جو حڪم ڪنهن ڏنو ، پي ڊي ايم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم اڳواڻن چيو آهي ته آءِ جي سنڌ جي مبينا اغوا واري معاملي تي وزيراعظم جي خاموشي جي مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته وزيراعظم وفاق ۽ صوبي کي وڙهائڻ چاهي ٿو. نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وزيراعظم جي نااهلي جي نتيجي ۾ آرمي چيف ٽياڪڙي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، وزيراعظم طرفان وفاق کي صوبن سان ٽڪراءُ ۾ آڻڻ تي ڳڻتي آهي، جنهن ملڪ ۾ پوليس جو سربراهه رات جو 4 وڳي اغوا ٿئي، اُن ملڪ جي عوام جو ڇا ٿيندو؟ ٻڌايو وڃي ته رينجرز کي ڪنهن حڪم ڏنو ته آءِ جي کي اغوا ڪيو وڃي، وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير يا آءِ جي سنڌ سان رابطا ڪري پيو سگهي، پر هو خاموش رهيو، وفاق طرفان ڪابه ڪوشش نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ بلاول ڀٽو کي فوج ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه کان مطالبو ڪرڻو پيو، پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو آهي ته لڳي ٿو وفاقي سرڪار رٿابندي تحت ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ گهري ٿي،آرمي چيف بهتر نموني مداخلت ڪئي ۽ 10 ڏينهن ۾ جاچ جو واعدو ڪيو آهي، هاڻي اُن جاچ جي نتيجي جو انتظار آهي، سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته هن سموري معاملي ۾ وزيراعظم ڇو غائب آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو