وڏي وزير جي درخواست تي پوليس آفيسر ڊيوٽي تي واپس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ پوليس جي سڀني سينئر آفيسرن جو اجلاس گهرائي کين موڪل جون درخواستون واپس وٺي ڪم شروع ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. جنهن بعد آءِ جي سنڌ مشتاق مهر سميت سڀني آفيسرن ڪراچي واقعي کانپوءِ موڪل تي وڃڻ واري درخواست مشروط طور واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مشتاق مهر رينڪ جي سمورن آفيسرن کي به 10 ڏينهن لاءِ موڪل جون درخواستون واپس وٺڻ جي هدايت‏ ڪري ڇڏي آهي ته جيسين جاچ رپورٽ اچي تيسين ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. آءِ جي سنڌ مشتاق مهر جو چوڻ آهي ته ملڪي مفاد لاءِ موڪل جون درخواستون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ پوليس ٽوئٽ جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته 18 کان 19 آڪٽوبر جي رات افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن سان سنڌ پوليس جو مورال ڪريو آهي، واقعي جي نتيجي ۾ احتجاجن آءِ جي سنڌ موڪل تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن تي ٻين پوليس آفيسرن به صدمي ۾ موڪلن جون درخواستون ڏنيون، سڀني آفيسرن جو انفرادي طور تي ڪيل فيصلو سنڌ پوليس جو وقار بحال ڪرڻ لاءِ هو. سنڌ پوليس تڪليف جو احساس ڪندي جاچ جو حڪم ڏيڻ تي آرمي چيف جي ٿورائتي آهي ۽ اميد ته سنڌ پوليس سان ٿيل زيادتي جو ازالو ڪندي سنڌ پوليس جو وقار بحال ڪيو ويندو. آءِ جي سنڌ بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير جو به ٿورو مڃيوآهي جن ڏکئي وقت ۾ سنڌ پوليس جو ساٿ ڏنو. ياد رهي ته 3 ايڊيشنل آءِ جيز، 25 ڊي آءِ جيز، 30 ايس ايس پيز ۽ ڪيترن ئي ايس ايڇ اوز به موڪل جون درخواستون ڏنيون هيون. جن ۾ ايس ايس پي اوڀر ڪراچي ساجد امير سدوزئـِي، ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو، ايس ايس پي سکر عرفان سمون، ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو، ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عابد بلوچ ۽ ايس ايس پي انٽيليجنس اسپيشل برانچ محمد نعيم توقير به موڪل لاءِ درخواستون ڏئي ڇڏيون، ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ، ايس ايس پي ڪورنگي فيصل عبدالله چاچڙ، ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي، ايس ايس پي بدين شبير سيٺار ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ عمران قريشي به موڪل تي روانا ٿي ويا. پوليس آفيسرز پنهنجي درخواستن ۾ چيو آهي ته رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري واري واقعي ۾ سنڌ پوليس جي هاءِ ڪمانڊ جي تذليل ڪئي وئي، واقعي تي پوليس جي سمورين رينڪس ۾ صدمي جي لهر آهي، اهڙي دٻاءُ واري ماحول ۾ پيشيوراڻي نموني ڊيوٽي ادا نٿي ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو