آءِ جي سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات 23 آفيسرن خلاف رپورٽ پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ پبلڪ سيفٽي ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پوليس جي نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ ڪليم امام وڏي وزير کي 23 پوليس آفيسرن خلاف ڪيل انڪوائريز جي رپورٽ پيش ڪئي جن خلاف مختلف الزامن هيٺ سندن خلاف سزائون به تجويز ڪيون ويون آهن. آءِ جي سنڌ، وڏي وزير کي ٻڌايو ته گذريل سال 3 ڀيرا هي رپورٽس چيف سيڪريٽري کي پيش ڪيون ويون پر هن ڪو به ايڪشن نه کنيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2013 ۾ ڪراچي ڪرائيم انڊيڪس ۾  هين نمبر تي هو پر هاڻي 93 نمبر تي آهي ۽ پوليس جي ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت جو به اهم ڪردار آهي. جن پوليس آفيسرن خلاف رپورٽ پيش ڪئي وئي تن م گريڊ 21 هين جو غلام سرور جمالي، گريڊ 20هين جي رٽائر آفيسر ذوالفقار شاهه، 19هين گريڊ جي آفيسرن ۾ اظفر مهيسر، پرويز عمراڻي، اعتزاز گوارايا ۽ گريڊ 18 هين جو جاويد بلوچ شامل آهن. جڏهن ته باقي ايس پي ۽ ڊي ايس پي رينڪ جي آفيسرن ۾ اعجاز هاشمي، طاهر نوراني، ڪامران راشد، رائو انوار،  سرور ابڙو، خالد ڪورائي، يعقوب عالماڻي، مرتضيٰ ڀٽو، فهيم فاروقي، الطاف لغاري، نيئر، دوست محمد مڱريو ۽ زاهد شامل آهن. وڏي وزي چيو ته هو رپورٽ جو جائزو وٺڻ بعد ضروري ڪاروائي ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو