آءِ جي سان پيش آيل واقعي جي آرمي چيف پاران رپورٽ طلب

راولپنڊي(پ ر) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آءِ جي سنڌ سان پيش آيل واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪورڪمانڊر ڪراچي کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. فوج جي ترجمان ٻڌايو آهي ته آرمي چيف  ڪور ڪمانڊر کي هدايت ڪئي آهي ته هو سڀني واقعن جو تفصيلي جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪري. اهڙو اعلان بلاول جي پريس ڪانفرنس ۾ ڪيل مطالبي جي چند منٽن بعد سامهون آيو. بلاول چيو ته سڀ ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن، آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ واقعي جي جاچ ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو