آءِ ايم ايف پاران پاڪستان کي 2 ارب 70 ڪروڙ ڊالر جاري

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف پاران ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ دنيا ڀر جي ملڪن لاءِ اعلانيل تاريخ جي وڏي ۾ وڏي فنڊنگ 650 ارب ڊالر جي رقم مان پاڪستان کي 2 ارب 70 ڪروڙ ڊالر ملي ويا آهن.ڦنڊ جي سربراهه ڪرسٽالينا جارجيويا جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن هي رقم بهتر نموني استعمال ٿي ته پوري دنيا ۾ ڪورونا وبا تي ڪنٽرول ٿي سگهندو. نومبر 2019 ۾ چين جي صوبي ووهان مان شروع ٿيل هي وبا دنيا م هن مهل تائين 44 لک 40 هزار ماڻهن جي موت جو سبب بڻي آهي ۽ سوا 21 ڪروڙ ماڻهو هن وبا سبب متاثر ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو