آءِ ايم ايف جو وفد سڀاڻي کان پاڪستان جو دورو ڪندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٻيو جائزي وارو مذاڪراتي عمل سڀاڻي کان شروع ٿيندو. آءِ ايم ايف جو وفد قرض پروگرام جي ٻئي جائزي لاءِ 3 کان 13 فيبروري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن جي قيادت مشن چيف ارنسٽو رمريز ريگو ڪندو. وفد پنهنجي دوري دوران پاڪستان جي اقتصادي ٽيم جي وزيرن ۽ آفيسرن سان ملاقاتون ڪرڻ کان علاوهه صوبن جو به دورو ڪندو. ذريعن مطابق مذاڪرات ۾ ايف بي آر جي ٽيڪس وصولين ۽ اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري جي قانون جو به جائزو ورتو ويندو. وفد دوري بعد پاڪستان کي ڏنل هدف جي رپورٽ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ کي پيش ڪندو ۽ ان رپورٽ جي روشني ۾ پاڪستان کي اڳتي قسط جاري ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي باري ۾ فيصلو ڪندو. پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ٽڙيسا ڊبن ٻڌايو آهي ته دوري جي اختتام تي آءِ ايم ايف وفد پنهنجي رپورٽ جاري ڪندو. ياد رهي ته 2 جولاءِ 2019 تي آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 6 ارب ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏني هئي جيڪو ٽن سالن دوران وقت به وقت قسطن جي صورت ۾ جاري ڪيو ويندو. پاڪستان کي هن وقت تائين آءِ ايم ايف پاران 1 ارب 44 ڪروڙ ڊالر قرض جون 2 قسطون ملي چڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو