،مراد شاهه سجاول، هريرام نئون ڪوٽ ملاڻي ڏيپلي جا دورا

سجاول/نئون ڪوٽ /ڏيپلو (سليم ملاح، پيار علي نهڙيو، فرمان بجير( سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ برسات جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ڏينهن جي دوري تي سجاول پهتو. هن ڊي سي آفيس ۾ بريفنگ وٺڻ کان پهرين شهر جو دورو ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنر سجاول محمد اسماعيل ميمڻ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيوته جنهن به سرڪاري عمارت ۾ پاڻي هجي انهي کي پهرين ڪڍيو وڃي ته جيئن رليف جي ڪمن ۾ آساني ٿئي ۽ خاص ڪري جيڪي ماڻهو بي گهر آهن انهن کي پهرين رليف ڏنو وڃي. وڏي وزير چيوته برساتن ۾ ٿيل نقصان جو سروي ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيوته پاڻي هيٺ آيل علائقن کي ٻن ڏينهن ۾ ڪڍيو وڃي. دوري دوران ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ريحانه لغاري، صوبائي صلاحڪار براءِ سماجي ڀلائي سيد اعجاز علي شاھ شيرازي، سيد ناصر حسين شاھ، اويس قادر شاھ، سيد شفقت حسين شاھ شيرازي، سيد اياز علي شاھ شيرازي، محمد علي ملڪاڻي، سيد شاھ حسين شاھ شيرازي، چيئرمين ضلع ڪائونسل سجاول حاجي محمد عثمان ملڪاڻي ۽ ٽائون چيئر مين سجاول سيد شير علي شاھ بخاري پڻ موجود هئا. ****نئون ڪوٽ تيز برساتن پوڻ سبب نئون ڪوٽ ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي پراڻو قديمي ڍوري ۽ ايل بي او ڊي سم نالي ۾ برساتي پاڻي جي چاڙهه ٿيڻ ۽ نئون ڪوٽ ۽ ان جا علائقا امڪاني ٻوڏ جي لپيٽ ۾اچڻ سبب وزيراعليٰ سنڌ پاران رين ايمرجنسي جي انتظامن جي نگراني لاء مقرر ڪيل فوڪل پرسن صوبائي وزير هري رام ڪشوري ضلعي چيئرمين ميرپورخاص مير انور علي خان ٽالپر مقامي ايم پي اي مير طارق ٽالپر ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص سيد مهدي شاه نئون ڪوٽ پهچي برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ ڍوري پراڻ جو جائزو ورتو.

ان موقعي تي هري رام ڪشوري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار رين ايمرجنسي ۾ پنهنجا سمورا وسيلا قطب آڻي شھرين کي امڪاني ٻوڏ کان محفوظ بڻائيندي. ضلعي جي سمورن شهرن ۾ رين ايمرجنسي سيل قائم ڪيا ويا آھن. ان موقعي تي ضلعي چيئرمين ميرپورخاص ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص کي ڍوري موري پل جون حفاظتي ديوارون فورن ڏيارڻ جون هدايتون ڪيون.ان تي ايم پي اي مير طارق علي ٽالپر ڊپٽي ڪمشنر مير پورخاص اسسٽنٽ ڪمشنر جهڏو پڻ موجود هئا. ***ڏيپلو شھر تي مون سون جي بھترين برسات ـ ايم اين اي ڊاڪٽر  مھش ملاڻي ـ ڊپٽي ڪمشنر شھزاد طاھر ٿھيم پاران ڏيپلو جو دورو ڪيو.  پبلڪ ھيلٿ جي ايڪسين برڪت علي خواجا کين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ٻن ڏينهن ۾ 58 ملي ميٽر برسات پئي آهي. پاڻي الله والا چوڪ ۽ پنڃارا محلا ڊسپوزل مان نيڪال ڪري چڪا آھيون باقي بدين بس اسٽاپ لڳ ڊسپوزل جي رات کان لائيٽ جي نه ھجڻ ڪري نيڪال نه ٿي سگھيو  ـ جنهن ڪري اڄ اوھان پاران موڪليل ھيوي جنريٽر جي پھچڻ کان پوء ڪافي پاڻي نيڪال ٿي ويو آهي ـ

جنهن تي ڊي سي ٿرپارڪر پبلڪ ھيلٿ کاتي جي عملدارن کي وڌيڪ حڪم جاري ڪندي چيو ته جلد کان جلد رھيل پاڻي به نيڪال ڪري رستا صاف ڪيا وڃن ته جئين عوام کي ڪا پريشاني نه ٿئي ـ جڏهن ته شھر جو گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء شھر کان ٻاھر بدين روڊ لڳ سرڪاري زمين تي ڏنل حد نشان تي تلاء ٺھي نه سگهيو آهي جنهن زمين تي ماڻھن پاران قبضا ڪري گهر اڏيا ويا آهن ـ جنهن تي ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي ٽائون چئرمن موھن لال تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته ھنن ماڻهن کي ھتي ويھڻ ڇو ڏنو ويو آهي . جنهن کان پوء ڊي سي ٿرپارڪر ۽ پبلڪ ھيلٿ عملدارن کي سڀاڻي کان ڪم شروع ڪري تلاء  ٺاھڻ جي هدايت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو